عمران خان لاءِ سٺا ڏينهن نظر نٿا اچن: وساڻ جي اڳڪٿي

عمران خان لاءِ سٺا ڏينهن نظر نٿا اچن: وساڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته موجوده سياسي صورتحال ۾ کيس پي ٽي آءِ باني عمران خان لاءِ سٺا ڏينهن نظر نٿا اچن. پارٽي اڳواڻن ۽ ٻين ماڻهن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته کين عمران خان ۽ سندس جماعت مان اها اميد نه هئي ته هو ايتري جلدي نون صوبن جي حمايت جو اعلان ڪندا. هن چيو ته سنڌ جي پنهنجي تاريخ ۽ سڃاڻپ آهي، ان کي ٻين صوبن سان گڏائي نٿو ڏسي سگهجي. سنڌ جا عوام ۽ سنڌ اسيمبلي نون صوبن جي قيام واري تجويز بابت پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪا آهن ۽ ان کي رد ڪري چڪا آهن. صوبن جا نالا تبديل ڪرڻ ملڪ لاءِ فائديمند ناهي. منظور وساڻ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر جو تعلق پيپلز پارٽيءَ سان آهي، پر گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف ڪيو. اڳوڻي صوبائي وزير اڳڪٿي ڪئي ته موجوده سياسي صورتحال ۾ عمران خان لاءِ سٺا ڏينهن نظر نٿا اچن. هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي احتجاجي تحريڪ به نظر نٿي اچي، جيڪڏهن جي يو آءِ کي احتجاج ڪرڻو هجي ها ته هينئر تائين ڪري چڪي هجي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو