بئنڪن ۾ ڪيش ٽرانزيڪشن جي رپورٽنگ جي حد ۾ واڌ

بئنڪن ۾ ڪيش ٽرانزيڪشن جي رپورٽنگ جي حد ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ بئنڪن اندر ڪيش ٽرانزيڪشن جي رپورٽنگ جي حد 20 لک رپين مان وڌائي 30 لک رپيا ڪئي وئي آهي.تفصيل موجب، بئنڪن کي روزانو 30 لک رپين کان وڌيڪ ڪيش ٽرانزيڪشن جي رپورٽ فنانشل مانيٽرنگ يونٽ (ايف ايم يو) کي ڏيڻي پوندي، جڏهن ته ان کان اڳ اها حد 20 لک رپيا مقرر هئي. ان کان علاوه مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ صوبائي اينٽي ڪرپشن ادارن کي اختيار ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن اختيارن جي منتقلي جو فيصلو ايس او پيز جي تڪميل سان مشروط ڪيو ويو آهي. حڪومت ورچوئل اثاثن کي به مني لانڊرنگ جي روڪٿام واري نظام ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، ورچوئل اثاثن واري ريگيوليٽري اٿارٽي کي مني لانڊرنگ جي روڪٿام واري قانون تحت اختيار ڏنا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو