نورين نيازي جي طبيعت خراب، جيل مان اسپتال منتقل

نورين نيازي جي طبيعت خراب، جيل مان اسپتال منتقل

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس ڪوٽ لکپت جيل مان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ نورين نيازي جي وڪيل رانا مدثر عمر ٻڌايو ته جيل ۾ طبيعت خراب ٿيڻ سبب نورين نيازي کي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي منتقل ڪيو ويو آهي. وڪيل سندس صحت لاءِ دعائن جي اپيل پڻ ڪئي. هن چيو ته 70 ورهين جي نورين نيازي کي غيرقانوني طور نظربند رکيو ويو آهي ۽ کيس اسپتال منتقل ڪرڻ بابت خاندان جي ڪنهن به فرد کي اطلاع نه ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو