پڪاچانگ (پ_ر) عوامي تحريڪ جو مرڪزي آرگنائيزر لال جروار ۽ مرڪزي اڳواڻ عبدالستار رند عوامي سجاڳي مهم جي سلسلي ۾ پڪاچانگ پهچي ويا، جتي سندن شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار ۽ عبدالستار رند، عوامي تحريڪ ضلعي نوشهري فيروز جي اڳواڻ ڊاڪٽر فدا ڀيريجو، لطيف ڀٽي،حسين سومرو ايڊووڪيٽ خالد تنيو ستار عمراڻي ايڊووڪيٽ ساجد چانگ غريب دوست ويلفيئر اتحاد جي صدر عاشق علي ميمن غريب اتحاد جي جنرل سيڪريٽري قربان راڄپر ۽ ٻين اڳواڻن پڪاچانگ غريب دوست ويلفيئر اتحاد جي آفيس تي آجياڻي ۽ پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسٽيبلشمينٽ ،مسلم ليگ (نواز) ۽ پيپلزپارٽي جي ڳٺ جوڙ ۽ غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ دھشتگردي ۽ انتھا پسندي وڌي آھي، حڪمران دھشتگردي جو خاتمو ڪرڻ بدران نون صوبن جي مھم ھلائڻ ۾ مصروف آهن. اسٽيبلشمينٽ جي خاص نمائندي محسن نقوي معرفت ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ نوان صوبا يا انتظامي يونٽ ٺاھڻ جي زھريلي مھم ھلائڻ کان پوءِ سنڌ جي عوام ۾ خدشا ۽ بي چيني وڌي وئي آھي. اھڙن ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن مھم ھلائڻ جي ڪري ملڪ جون حالتون ويتر وڌيڪ خراب ٿينديون. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ نوان صوبا يا انتظامي يونٽ ٺاھڻ جي پٺيان اصل مقصد سنڌ جي سامونڊي پٽي، معدني وسيلن گوادر ۽ ڪراچي بندر گاھ ۽ ٻيٽ تي قبضو ڪري آمريڪا سامراج حوالي ڪرڻ جو منصوبو آھي. اڳواڻن چيو ته سنڌ، سنڌي عوام جو تاريخي وطن آھي، سنڌ جي ھزارين سالن جي تاريخ ۽ تھذيب کي جيڪو ميسارڻ جي ڪوشش ڪندو اھو پاڻ ميسارجي ويندو. اڳواڻن چيو پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (نواز) عوام جون حقيقي نمائندگي ڪندڙ پارٽيون ناھن.هنن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي مان صوبن خلاف قرارداد پاس ڪرڻ کان پوءِ خاموشي اختيار ڪئي آھي ۽ ماٺ مٺيء ۾ اقتدار خاطر قسطن ۾ سنڌ کي نيلام ڪندي پئي اچي. حڪمران ٽولو 26ھين ۽ 27 ھين آئيني ترميم ڪرڻ کان پوءِ 28هين ترميم به آڻڻ لاءِ به راضي ٿي ويندو ۽ 28هين آئيني ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي منصوبي تي عمل ڪيو ويندو جنھن ۾ مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽي برابر جون شريڪ ھونديون. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وحدت، پاڻي، زمينن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ عوام ۾ سياسي سجاڳي ۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. عوامي تحريڪ عوام کي منظم ڪري سنڌ دشمن منصوبن خلاف پرامن، جمهوري ۽ عوامي جدوجهد کي اڳتي وڌائيندي. عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ڳوٺن، شهرن ۽ وسندين ۾ وڃي عوام سان رابطا ڪري رهيا آهن، ته جيئن سنڌ جي مسئلن بابت گڏيل جدوجهد کي وڌيڪ سگهارو بڻائي سگهجي.










