ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناليواري گلوڪاره حميرا چنا جي گاڏي ڪراچيءَ جي علائقي بهادرآباد مان چوري ٿي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب گاڏي چوري ٿيڻ جو واقعو گذريل ڏينهن بهادرآباد جي چار مينار چوڪ ڀرسان پيش آيو. پوليس موجب گاڏي چوري ٿيڻ جو ڪيس نيو ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي اي سي ايل سي ۽ ايس ايس پي اوڀر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گهرو وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته چوري ٿيل گاڏي هٿ ڪرڻ ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ترت ضروري قدم کنيا وڃن.










