سکر ۾ پوليس مقابلو، 30 لک انعام يافته ڌاڙيل مارجي ويو

سکر ۾ پوليس مقابلو، 30 لک انعام يافته ڌاڙيل مارجي ويو

سکر (ن س ) سکر پوليس وفاقي سول حساس اداري جي سهڪار سان اهم ڪارروائي ڪندي 30 لک رپيا انعام رکيل بدنام ڌاڙيل کي مقابلي دوران ماري ڇڏيو. پوليس موجب سانگي ٿاڻي جي حدن ۾ قومي شاهراهه ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران هڪ ڌاڙيل پنهنجن ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مارجي ويل ڌاڙيل جي سڃاڻپ 30 لک رپيا انعام رکيل انتهائي گهربل جوابدار عبدالقادر عرف قادرو جاگيراڻي طور ڪئي وئي آهي. پوليس مارجي ويل ڌاڙيل جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف پڻ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيل پاڪ رينجرز تي هٿياربند حملن، ڊي ايس آر رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي شهادت، پوليس تي حملن، اغوا براءِ تاوان، ڀتي خوري، سي پيڪ سان لاڳاپيل اغوا جي وارداتن ۽ دهشتگردي سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو. ايس ايس پي سکر وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ سنڌ حڪومت پاران 30 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو