ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ مبينا طور مڙس پنهنجي زال تي تيزاب اڇلائي ڇڏيو.جوابدار زال تي تيزاب اڇلائڻ بعد فرار ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت 15 سيڪڙو سڙي زخمي ٿي پئي. اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمن متاثر عورت کي فوري طور اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ريسڪيو ذريعن موجب تيزاب گهريلو جهيڙي دوران اڇلايو ويو. پوليس عملدارن ٻڌايو ته سڙي زخمي ٿيل عورت جي سس ۽ نڻان کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، ٻنهي عورتن کان جوابدار بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.










