قلعه عبدالله ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

قلعه عبدالله ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) قلعي عبدالله ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب هٿياربند 2 ڄڻن کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا.وارثن لاش روڊ تي رکي احتجاج ڪيو ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. احتجاج سبب ڪوئيٽا-چمن شاهراهه بند ٿي وئي.ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته اغوا ٿيل ماڻهن جي باحفاظت بازيابي اولين ترجيح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو