ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي ناڻي واري وزارت جي دستاويزن موجب، گذريل ٻن سالن دوران سنڌ جي پرڏيهي قرضن ۾ ٻين سمورن صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.دستاويز موجب سنڌ جي پرڏيهي قرضن ۾ هڪ ارب 83 ڪروڙ 90 لک ڊالرن جي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ جون 2026ع تائين سنڌ جو پرڏيهي قرض وڌي 5 ارب 61 ڪروڙ 60 لک ڊالر ٿي ويو، جيڪو جون 2024ع ۾ 3 ارب 77 ڪروڙ 70 لک ڊالر هو.پنجاب جي قرضن ۾ ٻن سالن دوران 37 ڪروڙ 60 لک ڊالرن جو اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ جون 2026ع تائين صوبي جو قرض وڌي 6 ارب 40 ڪروڙ 20 لک ڊالر ٿي ويو، جيڪو جون 2024ع ۾ 6 ارب 2 ڪروڙ 60 لک ڊالر هو.دستاويز موجب خيبرپختونخوا جي قرضن ۾ ٻن سالن دوران 59 ڪروڙ 50 لک ڊالر، جڏهن ته بلوچستان جي قرضن ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جو اضافو ٿيو.










