وينز ۾ سلينڊر لڳائڻ ۽ وڌيڪ ٻار ويهارڻ تي پابندي لاڳو

وينز ۾ سلينڊر لڳائڻ ۽ وڌيڪ ٻار ويهارڻ تي پابندي لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير اسڪول وينز ۾ سي اين جي ۽ ايل پي جي سلينڊر لڳائڻ تي سخت پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته وينن ۾ مقرر گنجائش کان وڌيڪ شاگرد ويهارڻ تي به پابندي هوندي.صوبائي وزير تعليم جي هدايتن تي خانگي اسڪولن کي حفاظتي حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت اسڪول وينز ۾ غير محفوظ طريقي سان پيٽرول فراهم ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي. لکت ۾ جاري ڪيل ھدايت۾ چيو ويو آهي ته بوتلن ۽ ڪينن ذريعي گاڏين جي انجڻ ۾ پيٽرول وجهڻ خطرناڪ عمل آهي. ان کانسواءِ شاگردن کي وين جي فوٽ بورڊ تي بيهاري سفر ڪرائڻ جي به اجازت نه هوندي. اسڪول ٽرانسپورٽ لاءِ سنڌ حڪومت جو فٽنيس سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جي ڪاپي گاڏي ۾ موجود هجڻ گهرجي. تعليم واري وزير خبردار ڪيو آهي ته حفاظتي هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اسڪول انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. شاگردن جي جان ۽ سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو