اسلام آباد (بيورورپورٽ) وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ چيو آهي ته نئين فارمولي تحت پيٽرول 15 رپيا في ليٽر تائين سستو ٿي سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ وزيراعظم جي ترجيح آهي، آئل ريفائنريز سان سڀاڻي ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، آئل ريفائنريز جي سهڪار سان عوام کي 15 رپيا في ليٽر سستو پيٽرول فراهم ڪرڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. هن چيو ته خطي جي صورتحال سبب عوام کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پيٽروليم شين جي پهچائڻ ۽ انشورنس جا خرچ وڌي ويا آهن، ڪجهه ڏينهن دوران پيش آيل واقعن سبب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جون قيمتون وڌيون آهن، جڏهن ته پيٽروليم شين جي لاجسٽڪ مسئلن ۽ انشورنس خرچن ۾ پڻ واڌ ٿي آهي. علي پرويز ملڪ چيو ته ڪروڙين ماڻهو پيٽرول رليف مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، ريفائنريز سان گڏجي ڊيزل لاءِ ڪروڊ بيسڊ فارمولو طئي ڪيو هو، جمعي ڏينهن پيٽرول جي قيمتن ۾ ٿيندڙ 15 رپين جي واڌ کي روڪيو ويو، ريفائنريز پيٽرول جي قيمت ضابطي ۾ رکڻ لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏنو ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 15 ارب رپين جو بار پاڻ کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پيٽروليم واري وزير چيو ته پيٽروليم تي پريميئم 10 کان 20 ڊالر في بيرل وڌي ويو آهي، ڊيزل تي خام تيل وارو فارمولو لاڳو آهي، مقامي ريفائنريز 30 سيڪڙو پيٽرول تيار ڪن ٿيون. هن چيو ته ريفائنريز جا ٿورائتا آهيون، جن حڪومت سان سهڪار ڪيو، ريفائنريز تمام گهڻو منافعو پڻ ڪمايو، عوام تيل جي قيمتن سبب تمام گهڻيون ڏکيائون برداشت ڪيون آهن، حڪومت ڪنهن سان به زيادتي نه ڪندي ۽ عوام جو تحفظ يقيني بڻائيندي. هن وڌيڪ چيو ته ٻارڻ جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو سڀ کان وڏو حامي آهيان، خطي ۾ بدترين جنگ جاري آهي، ريفائنريز جو ٽن مهينن جو منافعو سڄي هڪ سال جي منافعي کان وڌيڪ هو.
فيول رليف جو سلسلو جاري رهندو: وفاقي وزير اطلاعات
وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم جي سخت هدايتن تي پيٽرول جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر واڌ ٿيڻ نه ڏني وئي. عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم جو پهرين ڏينهن کان ئي اهو ويزن رهيو آهي ته عوام تي گهٽ ۾ گهٽ بار وڌو وڃي، دنيا جي معيشت جنگين سبب متاثر ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان جي معيشت تي پڻ اثر پيو آهي، ڏکين حالتن باوجود پاڪستان جا معاشي اشارا هاڪاري آهن. هن چيو ته موٽرسائيڪلن، رڪشن ۽ ننڍين گاڏين جي مالڪن لاءِ فيول رليف جو سلسلو جاري رهندو، هينئر تائين پيٽرول جي مد ۾ 27 ارب رپين جو رليف ڏئي چڪا آهيون، جيڪو تمام وڏو رليف آهي ۽ اسڪيم ڪاميابي سان جاري آهي. عطا تارڙ چيو ته امن لاءِ ڪوششون پڻ جاري آهن، امن قائم ٿيندو ته حالتون معمول تي موٽي اينديون، سبسڊي جاري آهي ۽ جيڪا قيمت وڌڻي هئي، اها وڌڻ نه ڏني وئي.
حڪومت پيٽرول جي قيمت مقرر ڪرڻ وارو فارمولو تبديل ڪري ڇڏيو
واضح رهي ته وفاقي حڪومت ريفائنريز لاءِ پيٽرول جي قيمت مقرر ڪرڻ وارو فارمولو تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پيٽروليم ڊويزن موجب وفاقي ڪابينا نئين طريقيڪار جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. حڪومت آئل ريفائنريز کي هدايت ڪئي آهي ته درآمدي قيمت ۽ ريفائنري جي سطح تي مقرر ڪيل قيمت وچ ۾ فرق سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايو وڃي، جڏهن ته ان مان حاصل ٿيندڙ مالي فائدو پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ عوام تائين پهچايو ويندو.حڪومت ريفائنريز کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ 30 ڏينهن تائين پيٽرول جي قيمت مقرر ڪرڻ وقت پريميئم، ٻين خرچن ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح 7 مارچ 2026ع واري سطح تي برقرار رکي وڃي، جنهن کي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ کان اڳ واري بنياد طور تصور ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن موجب درآمدي قيمت ۽ ريفائنري قيمت ۾ پيدا ٿيندڙ فرق پيٽروليم ليوي جي مد ۾ قومي خزاني ۾ جمع ٿيندو ۽ ان جي برابر رليف پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي ذريعي صارفين کي ڏنو ويندو.










