اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ آڪٽوبر 2026ع دوران مهانگائي جي شرح ۾ ماهوار بنيادن تي 1.08 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 9.61 سيڪڙو تائين پهچي وئي.اداره شماريات موجب آڪٽوبر 2025ع جي ڀيٽ ۾ آڪٽوبر 2026ع دوران مهانگائي جي شرح 9.61 سيڪڙو وڌيڪ رهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرين چئن مهينن دوران مهانگائي جي سراسري شرح 10.05 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. انگن اکرن موجب آڪٽوبر ۾ شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 0.81 سيڪڙو، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 1.49 سيڪڙو وڌي. آڪٽوبر دوران کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ ماهوار بنيادن تي 2.26 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ڪڪڙ جو گوشت 19.38 سيڪڙو، چڻن جي دال 9.17 سيڪڙو، ڪڻڪ 9.01 سيڪڙو ۽ اٽو 7.54 سيڪڙو مهانگو ٿيو. تازين ڀاڄين جي قيمتن ۾ 6.55 سيڪڙو، آنن ۾ 5.72 سيڪڙو ۽ ماش جي دال ۾ 5.54 سيڪڙو واڌ ٿي. ٻئي طرف ٽماٽن جي قيمت ۾ 31.63 سيڪڙو، بصرن ۾ 4.23 سيڪڙو، پٽاٽن ۾ 4.04 سيڪڙو ۽ کنڊ جي قيمت ۾ 2.17 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. اداره شماريات موجب آڪٽوبر ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ مهانگائي 1.79 سيڪڙو وڌي، جڏهن ته رهائش، بجلي، گئس ۽ ٻارڻ جي خرچن ۾ 0.25 سيڪڙو واڌ ٿي. مائع هائيڊرو ڪاربنز جي قيمتن ۾ 8.39 سيڪڙو، موٽر فيول ۾ 3 سيڪڙو، سوٽي ڪپڙي ۾ 1.22 سيڪڙو، گهر جي ڪرايي ۾ 0.94 سيڪڙو ۽ دوائن جي قيمتن ۾ 0.90 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. انگن اکرن موجب آڪٽوبر ۾ مختلف شين ۽ خدمتن جي قيمتن ۾ 0.71 سيڪڙو، جڏهن ته بجلي جي اگهن ۾ 3.31 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.










