صحافين خلاف ڏوهن تي خاموشي سچ ۽ انصاف جو آواز دٻائڻ برابر آهي

صحافين خلاف ڏوهن تي خاموشي سچ ۽ انصاف جو آواز دٻائڻ برابر آهي

ڪراچي(استاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صحافين خلاف ڏوهن تي خاموشي اختيار ڪرڻ سچ ۽ انصاف جو آواز دٻائڻ برابر آهي.صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صحافين کي ڌمڪين، تشدد، هراسان ڪرڻ ۽ قتل جهڙن سنگين ڏوهن کان تحفظ فراهم ڪرڻ رياست ۽ سماج جي گڏيل ذميواري آهي.هن چيو ته اهڙن ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي سزا کان بچڻ ڏيڻ عوام جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ واري حق کي دٻائڻ برابر آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صحافي عوام تائين حقيقتون پهچائڻ، اقتدار جي ايوانن جو احتساب ڪرڻ ۽ سماج ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. صحافين خلاف ڏوهن ۾ ملوث عنصرن جو قانون جي گرفت کان بچي وڃڻ صحافت جي آزادي، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ سنگين خطرو آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته 1973ع جو متفقه آئين هر شهريءَ کي اظهار جي آزاديءَ جو بنيادي حق ڏئي ٿو، جڏهن ته ان حق جو تحفظ جمهوري رياست جي آئيني ۽ اخلاقي ذميواري آهي.بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور حڪومت جو حوالو ڏيندي چيو ته هن آمر ضياءَ الحق جي دور ۾ صحافت جي آزاديءَ کي دٻائڻ لاءِ لاڳو ڪيل ڪارن قانونن جو خاتمو ڪيو، جيڪي پريس جو ڳلو گهٽڻ ۽ ان جو آواز خاموش ڪرائڻ لاءِ استعمال ٿيندا رهيا هئا.سندس چوڻ هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو اهو تاريخي قدم جمهوريت ۾ اختلاف راءِ ۽ آزاد صحافت جي اهميت جو ثبوت هو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي صحافت جي آزادي، اظهار جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. آزاد صحافت کانسواءِ نه جمهوريت مضبوط ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي عوام باخبر ۽ بااختيار بڻجي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو