برآمدن ۾ واڌ ۽ خانگي سيڙپڪاريءَ جو فروغ لازمي آهي: اورنگزيب

برآمدن ۾ واڌ ۽ خانگي سيڙپڪاريءَ جو فروغ لازمي آهي: اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جو معاشي استحڪام کان پائيدار ترقيءَ ڏانهن سفر جاري آهي، مالياتي نظم ضبط، برآمدن ۾ واڌ ۽ خانگي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن جي تقريب کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان کي اهڙي مالي جدت جي ضرورت آهي، جيڪا ڪاروباري خرچ گهٽائي ۽ وڌيڪ ماڻهن کي باضابطه معيشت جو حصو بڻائي. ڊجيٽل اثاثن کي مالي نظام ۾ جاءِ ڏيڻ جو فيصلو حقيقي معاشي فائدن ۽ ڪاروباري سهولتن جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته پاڪستان جو سفر معاشي استحڪام کان پائيدار ترقيءَ ڏانهن جاري آهي، جنهن لاءِ مالي نظم ضبط، برآمدن ۾ واڌ ۽ خانگي سيڙپڪاريءَ جو فروغ ناگزير آهي. ڊجيٽل جدت ذريعي مالي سهولتن کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ ۽ ڪاروباري خدمتن کي اثرائتو بڻائڻ گهرجي.محمد اورنگزيب چيو ته بلاڪ چين نيٽ ورڪن تي ادارتي صارفين لاءِ ڊپازٽ ٽوڪنز جو استعمال ڊجيٽل مالي جدت جو عملي مثال آهي. بينڪ فار انٽرنيشنل سيٽلمينٽس جو منصوبو ”اگورا“ ٽوڪنائيزڊ بئنڪ ڊپازٽس جو جائزو وٺي رهيو آهي، جڏهن ته مرڪزي بئنڪ ذخيرن ذريعي سرحد پار ادائيگين جي امڪانن تي پڻ غور ڪري رهي آهي.هن چيو ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ سان گڏ رقم جي تحفظ ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ بئنڪن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، جڏهن ته صارفين کي خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ به بئنڪ بنيادي حيثيت رکن ٿا.ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ضابطن واري نظام ۾ هر قسم جي ڊجيٽل اثاثن ۽ انهن سان لاڳاپيل معاشي سرگرمين کي الڳ الڳ نظر ۾ رکڻو پوندو. ورچوئل اثاثن واري ايڪٽ 2026ع تحت پاڪستان ۾ قانوني فريم ورڪ قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پيوا (PVARA) ورچوئل اثاثن جون خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن کي لائسنس جاري ڪرڻ ۽ انهن جي نگراني ڪرڻ جي ذميوار آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ورچوئل اثاثن لاءِ قانوني ۽ نگرانيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ نظام قائم ڪرڻ طرف اڳڀرائي ڪئي آهي. ڊجيٽل اثاثن جي ضابطن واري نظام جي جوڙجڪ ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۽ ايس اي سي پي جو اهم ڪردار آهي. بنا پٺڀرائي وارن ڪرپٽو اثاثن جا خطرا مختلف آهن، تنهنڪري هر قسم جي ڊجيٽل اثاثن کي الڳ نظر سان ڏسڻ ضروري آهي.محمد اورنگزيب چيو ته گذريل مالي سال پاڪستان کي 41.6 ارب ڊالرن جون پرڏيهي موڪلون مليون، جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران اهو انگ 44 ارب ڊالرن کان وڌڻ جي اميد آهي. ڊجيٽل نظام جي واڌ سان گڏ سائبر سيڪيورٽي جي خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت جي گنجائش ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو