لاهور)ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري کي جعلي وڊيو وائرل ٿيڻ واري ڪيس ۾ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي پنهنجي بيان تي آڏي پڇا ڪرائڻ وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عدالت گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد پڻ روڪي ڇڏيو. عدالت ٽرائل ڪورٽ کي ڪيس جي ٻين شاهدن جي حد تائين ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبهر گل خان عظميٰ بخاري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل علي زاهد بخاري ۽ بيرسٽر موسيٰ دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته عظميٰ بخاري خلاف جعلي وڊيو وائرل ٿيڻ وارو ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جڏهن ته اهم حڪومتي عهدي تي فائز هجڻ سبب کيس سيڪيورٽي جا خدشا آهن، جنهن ڪري ٽرائل ڪورٽ ۾ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ ممڪن ناهي.وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ٽرائل ڪورٽ عظميٰ بخاري کي پنهنجي بيان تي آڏي پڇا لاءِ طلب ڪيو هو، پر معاملو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ هجڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، جيڪي غيرقانوني آهن.درخواستگذار جي وڪيلن عدالت کي استدعا ڪئي ته عظميٰ بخاري کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ سندس بيان تي آڏي پڇا وڊيو لنڪ ذريعي ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي.عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ عظميٰ بخاري کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي آڏي پڇا ڪرائڻ وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو ۽ سندس گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي ڪيس جي ٻين شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۽ انهن جي حد تائين ڪارروائي جاري رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي.










