ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ ترقياتي ڪمن جو سلسلو شروع ٿيو آهي ۽ شهر جي ستن ئي ضلعن ۾ بنا ڪنهن فرق جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي. سنڌ واحد صوبو آهي، جتي مڪاني حڪومتن جو نظام موجود آهي، جڏهن ته ڪراچي هڪ منفرد شهر آهي، جتي ميئر ۽ مختلف سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ ٽائون چيئرمين عوامي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. شهر ۾ جاري ترقياتي سرگرميون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته مڪاني حڪومتن جو نظام اثرائتي نموني ڪم ڪري رهيو آهي. اختيارن ۽ وسيلن جي کوٽ جو بهانو بڻائڻ بدران ڪم ڪرڻ جي دلچسپي ۽ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت هوندي آهي. اسان اڳڀرائي ڪندي ڪم شروع ڪيو ۽ هاڻي شهر جي مختلف ٽائونز ۾ پڻ ترقياتي سرگرميون شروع ٿي چڪيون آهن.اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن بلديه عظمٰي ڪراچي جي هيڊ آفيس ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سٽي ڪائونسل ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو پارلياماني ليڊر ڪرم الله وقاصي، ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد، سٽي ڪائونسل جي ميمبر مسرت نيازي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي پاڪستان جو صنعتي گاديءَ وارو شهر آهي ۽ جڏهن اسان شهر جي ذميواري سنڀالي ته گندي پاڻي جي صفائي (سيوريج ٽريٽمينٽ) جون سهولتون نه هئڻ برابر هيون. پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي منشور ۾ ڪراچي جي شهرين سان گندي پاڻي جي صفائي بابت ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، جنهن تي عملي اڳڀرائي ڪئي وئي آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت جي سهڪار سان ڪراچي ۾ پاڪستان جو پهريون صنعتي گندي پاڻي جي صفائي وارو منصوبو مڪمل ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪيو، جڏهن ته روزانو وڌيڪ 65 ملين گيلن پاڻي صاف ڪرڻ جي سهولت واري منصوبي جو پڻ سنگ بنياد رکيو ويو آهي. ڪوشش آهي ته ايندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ اهو منصوبو پڻ مڪمل ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ هارون آباد ۽ گٽر باغيچي ۾ مجموعي طور روزانو 100 ملين گيلن پاڻي صاف ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندو. اها هڪ اهم ڪاميابي آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ شهر جي عوام ۽ سندن چونڊيل قيادت کي وڃي ٿو. ميئر ڪراچي چيو ته صحت ۽ راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ پڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ڪشمير روڊ تي ڪراچي جو پهريون اسپورٽس ڪمپليڪس قائم ڪيو ويو، پر ان کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين عالمي معيار جو ڪو به وڏو اسپورٽس ڪمپليڪس تعمير نه ٿي سگهيو. موجوده سٽي ڪائونسل ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ بلديه ٽائون، ضلعي ڪياماڙي جهڙي علائقي ۾ هڪ شاندار اسپورٽس ڪمپليڪس تعمير ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪيو. هن منصوبي جي نتيجي ۾ هڪ پٺتي پيل علائقي جي رهواسين کي به جديد راندين جون سهولتون ميسر ٿيون. اسپنسر آءِ اسپتال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هن تاريخي اداري جي قيام جو فيصلو 1938ع ۾ ڪيو ويو ۽ 1940ع ۾ ان کي فعال بڻايو ويو. ان وقت جي مقامي قيادت شهرين کي اکين جي بيمارين جي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هي ادارو قائم ڪيو هو. 1976ع ۾ بلوچستان ۾ آيل زلزلي دوران پڻ اسپتال جي عملي ۽ ايمبولينسن امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو هو، پر بعد وارن دورن ۾ هن اداري کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ 2022-23ع تائين ان جي حالت اهڙي ٿي چڪي هئي، جو اتي آپريشن ۽ ٻيون طبي سهولتون فراهم نه ٿي رهيون هيون. اسان فيصلو ڪيو ته هن اسپتال کي ٻيهر فعال بڻايو وڃي. ان مقصد لاءِ سٽي ڪائونسل کان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبي جي منظوري حاصل ڪئي وئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن ۽ اتحادين سهڪار ڪيو. هن چيو ته اڄ اسپنسر آءِ اسپتال ۾ روزانو لڳ ڀڳ 350 مريض او پي ڊي جي سهولت مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. انهن ۾ لياري، صدر، بلديه، ماڙيپور، ملير، ڪورنگي، اوڀر ۽ وچئين ضلعي سميت ڪراچي جي مختلف علائقن جا شهري شامل آهن، جڏهن ته بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب کان ايندڙ مريض پڻ هتي علاج ڪرائي رهيا آهن. موتيي جي آپريشن ۽ ليزر ذريعي علاج جون سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن. خانگي اسپتالن ۾ موتيي جي آپريشن تي 30 کان 35 هزار رپين کان وٺي هڪ لک رپين تائين خرچ اچي ٿو، پر هن اداري ۾ شهرين کي اها سهولت بنا ڪنهن معاوضي جي فراهم ڪئي پئي وڃي. هفتيوار سراسري طور 60 کان 70 مريض موتيي جي آپريشن ۽ لاڳاپيل سهولتن مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پڻ اسپتال جو دورو ڪري مريضن سان ملاقات ڪئي هئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير پڻ هن منصوبي جي افتتاح لاءِ آيا هئا. هن چيو ته اسپنسر آءِ اسپتال جي بحالي ان ڳالهه جو مثال آهي ته تاريخي ادارن کي ٻيهر فعال بڻائي عوام کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. صفائي سٿرائي بابت ميئر ڪراچي چيو ته شهر ۾ ٽي جديد گاربيج ٽرانسفر اسٽيشنون قائم ڪيون پيون وڃن، جن مان هڪ قيوم آباد، بلوچ ڪالوني ايڪسپريس وي، ٻي شرافي ڳوٺ ۽ ٽين گٽر باغيچي ۾ تعمير ڪئي پئي وڃي. انهن ٽنهي منصوبن تي ڪم آخري مرحلن ۾ آهي ۽ هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين انهن کي فعال بڻايو ويندو. انهن ذريعي ڪچرو مشيني طريقي سان گڏ ڪري لينڊ فل سائيٽن تائين منتقل ڪري سگهبو. هن چيو ته جام چڪرو لينڊ فل سائيٽ کي جديد ۽ مشيني نظام تحت هلائڻ ۽ ڪچري کي مناسب طريقي سان ٺڪاڻي لڳائڻ واري منصوبي تي پڻ ڪم جاري آهي. منصوبي جي هڪ سيل جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير ان جو افتتاح ڪيو هو، جڏهن ته مڪمل منصوبي کي هلندڙ سال جي آخر يا جنوري تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. صفائي سٿرائي جي شعبي ۾ لڳ ڀڳ 30 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. ميئر ڪراچي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1974ع ۾ عباسي شهيد اسپتال جو بنياد رکيو هو، پر بعد وارن دورن ۾ هن اداري کي سياسي مداخلت ۽ بدانتظامي کي منهن ڏيڻو پيو. اسپتال جي نئين بلاڪ جي تعمير 52 سالن کانپوءِ مڪمل ڪئي وئي آهي، جيڪو لڳ ڀڳ ٻه لک چورس فوٽ ايراضيءَ تي ٻڌل گرائونڊ پلس فائيو ماڙ عمارت آهي. هن نئين بلاڪ ۾ هلندڙ هفتي ئي او پي ڊي جون خدمتون فعال ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ته جيئن شهرين کي فوري طور طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هتي چمڙي جي بيمارين، دل جي بيمارين، خاص ضرورتن وارن ٻارن جي علاج ۽ عام طبي سهولتن جي فراهمي ڪئي ويندي. اهڙيءَ طرح سرفراز رفيقي شهيد اسپتال ۾ پاڪستان جو پهريون پبلڪ سيڪٽر بريسٽ ريڪنسٽرڪشن سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي، جنهن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڊسمبر ۾ فعال ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن منصوبي جي اڳواڻي عالمي شهرت يافته پاڪستاني سرجن ڊاڪٽر عمر دراز ڪري رهيا آهن. ميئر ڪراچي چيو ته ايمپريس مارڪيٽ جي شاندار بحاليءَ کانپوءِ شهر جي ٻين تاريخي مارڪيٽن جي بحاليءَ جو ڪم پڻ جاري آهي. سول لائنز مارڪيٽ، حسن علي هوتي مارڪيٽ، ڊينسو هال، ڪي ايم سي بلڊنگ، لي مارڪيٽ، سولجر بازار مارڪيٽ ۽ مڇي مياني مارڪيٽ جي بحاليءَ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. انهن منصوبن کي ڊسمبر جي آخر تائين مڪمل ڪري فعال ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. انهن تاريخي عمارتن ۽ مارڪيٽن کي نئين نسل لاءِ شهر جي ثقافتي ۽ تاريخي ورثي طور محفوظ رکڻ ضروري آهي. ايمپريس مارڪيٽ کي ڪاروباري سرگرمين سان گڏ ثقافتي تقريبن لاءِ پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ بحال ٿيندڙ ٻين مارڪيٽن ۾ به اهڙي ئي طرز جون سرگرميون شروع ڪيون وينديون. انفراسٽرڪچر جي بهتريءَ بابت ميئر ڪراچي چيو ته ڪي ايم سي هاڻي پنهنجن وسيلن سان وڏا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري رهي آهي. چڪور نالي ايڪسپريس وي لڳ ڀڳ هڪ ارب رپين جي لاڳت سان ڪي ايم سي جي پنهنجي فنڊن مان تعمير ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ نه وفاقي حڪومت فنڊ فراهم ڪيا آهن ۽ نه ئي صوبائي حڪومت کان ڪا رقم حاصل ڪئي وئي آهي. هن منصوبي مان شهر جي وڏي آبادي کي فائدو ٿيندو ۽ گلستان جوهر ڏانهن ويندڙ شهرين کي ٽريفڪ جي ڊگهن قطارن مان ڇوٽڪارو ملندو. ناٿا خان وٽان گذرندڙ هن متبادل شاهراهه ذريعي شهري لڳ ڀڳ هڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر صرف ٻن کان اڍائي منٽن ۾ طئي ڪري سگهندا. هن منصوبي سان گڏ هڪ وي جنڪشن ۽ اضافي پل پڻ تعمير ڪئي ويندي، ته جيئن گلستان جوهر، پهلوان ڳوٺ، حبيب يونيورسٽي ۽ ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ شهرين لاءِ الڳ الڳ رستا فراهم ڪري سگهجن. منصوبي جو بنيادي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ 30 کان 35 ڏينهن اندر فنشنگ جو ڪم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ان کي عوام لاءِ کوليو ويندو. ناٿا خان پل سان گڏ ٽن لينن تي ٻڌل متبادل ٽريڪ پڻ تعمير ڪيو ويو آهي، ته جيئن شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائي سگهجي. هن چيو ته گلستان جوهر کان يونيورسٽي روڊ تائين متبادل رابطا سڙڪ جي تعمير جو ڪم پڻ جاري آهي، جنهن ۾ پهلوان ڳوٺ ڏانهن ويندڙ لڳ ڀڳ ساڍا چار ڪلوميٽر ڊگهو حصو شامل آهي. مجموعي طور لڳ ڀڳ 9 ڪلوميٽر ڊگهي ٻه طرفي شاهراهه تعمير ڪئي پئي وڃي، جيڪا ملير ۽ ضلعي اوڀر کي ڳنڍيندي گلستان جوهر کي يونيورسٽي روڊ سان ملائيندي. حبيب يونيورسٽي کان پي ايڇ اي اپارٽمينٽس تائين لڳ ڀڳ اڍائي ڪلوميٽر حصي جي هڪ پاسي بنيادي ڪارپيٽنگ مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي ڪم جاري آهي. اسان جو هدف آهي ته جنوري تائين هن روڊ کي يونيورسٽي روڊ تائين مڪمل ڪيو وڃي. ميئر ڪراچي چيو ته جهانگير روڊ جي نئين سر تعمير پڻ هڪ اهم منصوبو آهي، جنهن سان سهراب ڳوٺ ۽ گڊاپ جي طرفان شهر ۾ داخل ٿيندڙ لکين شهرين کي سهولت حاصل ٿيندي. ڪي ايم سي جهانگير روڊ تي عارضي مرمت بدران مڪمل بحاليءَ جو فيصلو ڪيو ۽ پهريان نيڪال ۽ سيوريج جي نظام کي بهتر بڻائي ليڪيجز ختم ڪيا ويا ۽ نيون لائينون وڇايون ويون. لڳ ڀڳ اڍائي ڪلوميٽر ڊگهي روڊ جي بحاليءَ سان پنج ڪلوميٽرن جو روڊ سيڪشن بهتر ٿيو آهي، جيڪو شهري روزانو استعمال ڪري رهيا آهن. هن منصوبي جي ايندڙ مرحلي ۾ ٽين هٽي کان سهراب ڳوٺ تائين ايس ايم توفيق روڊ جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي، جتي پهريان سيوريج لائين وڇائي وئي ۽ ان کانپوءِ روڊ جي ڪارپيٽنگ ڪئي پئي وڃي. اهڙيءَ طرح گلبائي کان شيرشاهه تائين روڊ جي بحاليءَ تي لڳ ڀڳ ٻه ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن. هن منصوبي جو هڪ حصو ايندڙ هڪ مهيني اندر مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ڪياماڙي ۽ ضلعي اولهه کي ڳنڍيندڙ طوري بنگش روڊ پڻ هڪ اهم رابطا شاهراهه آهي، جنهن جي تعمير ۽ بحاليءَ جو ڪم جاري آهي. لڳ ڀڳ پنج ڪلوميٽر ڊگهي هن روڊ مان اتحاد ٽائون ۽ اتحاد ڪالوني سميت مختلف علائقن جا لکين شهري فائدو حاصل ڪندا. روڊ جي ڪارپيٽنگ جو ڪم جاري آهي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ان کي هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ تائين مڪمل ڪيو وڃي. اهڙيءَ طرح مرزا آدم خان روڊ جي بحاليءَ سان لياري، گارڊن، اولڊ سٽي ايريا، مڇر ڪالوني ۽ ماڙيپور جي رهواسين کي اچ وڃ لاءِ هڪ بهتر متبادل رستو فراهم ٿيندو. ميئر ڪراچي ٻڌايو ته شهر ۾ وڌيڪ لڳ ڀڳ 140 روڊن جي تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ ٽينڊرنگ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن اندر ورڪ آرڊر جاري ٿيڻ کانپوءِ هلندڙ هفتي جي پڄاڻيءَ تائين ڪم شروع ڪيو ويندو. انهن رابطا سڙڪن تي لڳ ڀڳ 13 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا. جيتوڻيڪ انهن مان ڪجهه روڊ سڌيءَ طرح ڪي ايم سي جي دائري اختيار ۾ نٿا اچن، پر شهر ۽ شهرين جي بهتريءَ لاءِ انهن منصوبن کي پڻ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي جي 41 اهم شاهراهن تي اسٽريٽ لائٽنگ جو نظام پڻ تبديل ڪيو پيو وڃي، جنهن تي لڳ ڀڳ هڪ ارب رپيا خرچ ٿيندا. هن منصوبي جا ورڪ آرڊر جاري ٿي چڪا آهن ۽ ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ ٻن کان اڍائي مهينن اندر ان کي مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ميئر ڪراچي چيو ته گارڊن نشتر روڊ تي هڪ ارب رپين جي لاڳت سان نئون فلاءِ اوور تعمير ڪيو ويندو، جنهن جو سنگ بنياد 20 نومبر تائين رکڻ جو منصوبو آهي. ڪي ايم سي پنهنجي وسيلن مان هن منصوبي تي ڪم ڪندي ۽ ان کي 100 ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ته جيئن علائقي ۾ ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته گذريل عرصي دوران مختصر وقت ۾ مختلف فلاءِ اوورن جي تعمير مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي نشتر روڊ جو منصوبو پڻ ساڳئي رفتار سان مڪمل ڪيو ويندو. پاڻيءَ جي فراهميءَ بابت ميئر ڪراچي چيو ته لياري جي رهواسين کي پاڻيءَ جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۽ پاڻيءَ جي چوري روڪڻ لاءِ ڪي ٿري جي روزانو 10 ملين گيلن گنجائش واري ايليويٽيڊ لائن جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج هو، پر سمورين رڪاوٽن باوجود ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. ايندڙ ستن کان اٺن ڏينهن اندر لائن جي ٽيسٽنگ ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ ان جو باضابطه افتتاح ڪيو ويندو. هن منصوبي سان لياري جي شهرين کي پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ بهتري ايندي. ميئر ڪراچي چيو ته ترقياتي منصوبن جا تفصيل شفافيت سان شهرين تائين پهچائڻ لاءِ ڪي ايم سي جي ويب سائيٽ تي منصوبن بابت معلومات فراهم ڪئي پئي وڃي، ته جيئن عام شهري پڻ ڄاڻي سگهن ته شهر ۾ ڪٿي ۽ ڪهڙا ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن. مالي سال جي شروعات ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته ڪي ايم سي ترقياتي منصوبن تي 68 کان 70 ارب رپيا خرچ ڪندي ۽ موجوده اڳڀرائي ان عزم جو اظهار آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته سمورا منصوبا مقرر وقت اندر مڪمل ڪري شهرين کي عملي طور رليف فراهم ڪيو وڃي. هن ڪراچي جي ٽائونز جي ڪارڪردگيءَ کي پڻ ساراهيندي چيو ته شهر جي ترقي ڪنهن هڪ ميئر، وڏي وزير يا مڪاني حڪومتن جي وزير جي ذميواري نه آهي، پر اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. مڪاني حڪومتن جي نظام ۾ ٽائونز کي ان مقصد لاءِ شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ عوامي مسئلا حل ڪري سگهن. گذريل ٻن کان ٽن سالن دوران مختلف ترقياتي ڪمن ۽ يوٽيلٽي ادارن پاران روڊ ڪٽنگ سبب شهر جا ڪيترائي روڊ متاثر ٿيا، جنهن ڪري شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. تنهن هوندي به هاڻي ٽائونز پڻ روڊن جي بحاليءَ جا ڪم شروع ڪري ڇڏيا آهن. اسان انهن جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته انهن منصوبن تي وڌيڪ تيزيءَ سان ڪم ڪيو وڃي، ته جيئن ڪي ايم سي ۽ ٽائونز جا ترقياتي قدم هڪ ٻئي لاءِ مددگار ثابت ٿين. ميئر ڪراچي چيو ته روڊن جي تعمير کانپوءِ انهن کي ٻيهر کوٽائيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪي ايم سي ۽ ٽائونز کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطي ۽ سهڪار ذريعي پنهنجا ڪم مڪمل ڪرڻ گهرجن. اهڙيءَ طرح فٽ پاٿن ۽ روڊن تي غيرقانوني قبضن، ڪرسيون، ٽيبلون ۽ موٽر سائيڪلون بيهاري رستا بند ڪرڻ واري عمل جي پڻ حوصلا شڪني ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته ڪي ايم سي ان سلسلي ۾ ٽائونز سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ته جيئن شهرين کي صاف سٿرا، ڪشادا ۽ بهتر روڊ ۽ فٽ پاٿ فراهم ڪري سگهجن. ڪراچي جي ترقيءَ جو سفر جاري رکيو ويندو.










