خانپور پوليس مبينا مقابلو،ڏوهاري مارجي ويو

خانپور پوليس مبينا مقابلو،ڏوهاري مارجي ويو

خانپورمهر (رپورٽ:آفتاب سيال) خانپورمهر ويجهو يارو لنڊ جي علائقي ڳوٺ بهار شاهه وٽ يارو لنڊ پوليس ۽ مبينا ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ نامعلوم مبينا ڏوهاري مارجي ويو. ذريعن موجب مقابلي کانپوءِ پوليس علائقي ۾ وڌيڪ نفري طلب ڪري ورتي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس جون سرگرميون وڌايون ويون. مارجي ويل شخص جي تاحال سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جنهن جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ ميرپورماٿيلو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او يارو لنڊ موجب مقابلي دوران مبينا جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته مارجي ويل مبينا جوابدار وٽان هڪ وڻ ٽو فائي موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو