لاھور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ٽيسٽ وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو دورو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد کيس اڪيڊمي جي مختلف شعبن، جاري ترقياتي منصوبن ۽ رانديگرن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ واري ماڊل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪامران اڪمل کي اين سي اي ۾ جاري ترقياتي ڪمن ۽ رانديگرن جي تربيت لاءِ فراهم ڪيل جديد سهولتن بابت آگاهه ڪيو ويو. هن باب ولمر انڊور اسڪول ۾ لڳل جديد بالنگ مشين جو پڻ جائزو ورتو ۽ ايل سي سي اي گرائونڊ ۾ جاري اهم ترقياتي ڪمن کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته کيس اها ڳالهه ڏسي خوشي ٿي آهي ته هاڻي ڪم انتهائي پيشوراڻي انداز ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن جا مثبت نتيجا پاڪستان ڪرڪيٽ کي ملندا. هن چيو ته جڏهن نوجوان رانديگرن کي اهڙيون سهولتون ۽ سازگار ماحول ملندو ته اهي هتان تربيت ۽ پنهنجي صلاحيتن ۾ بهتري آڻڻ کانپوءِ ريجنز ۽ ڊپارٽمينٽس جي سطح تي کيڏڻ لاءِ ويندا. هن اڪيڊمي ۾ بايو مڪينڪس ليب جي قيام ۽ ايل سي سي اي گرائونڊ ۾ جديد ڊريسنگ رومز جي تعمير کي پڻ ساراهه جوڳو قرار ڏنو. ڪامران اڪمل چيو ته کيس اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته هر سطح تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان عمل ۾ ڀرپور سهڪار ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ کي هن وقت اهڙين ئي سهولتن جي ضرورت هئي، جڏهن ته نوجوان رانديگرن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد ٻڌايو ته ايل سي سي اي گرائونڊ ۾ 19 مختلف پچون تيار ڪيون ويون آهن، جيڪي رانديگرن کي مختلف حالتن ۾ کيڏڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جا موقعا فراهم ڪنديون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ هر سومر تي مشق لاءِ هڪ نئين وڪيٽ تيار ڪئي ويندي آهي، جيڪا ايندڙ پنجن ڏينهن تائين رانديگرن کي مختلف قسمن جا تجربا فراهم ڪندي آهي. ان کانسواءِ انڊر 15 جي بهترين رانديگرن لاءِ ليول ون ڪوچنگ ڪورس پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي، جيئن مستقبل جي رانديگرن سان گڏ نوجوان ڪوچز جي به تربيت ڪري سگهجي. عاقب جاويد ٻڌايو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تمام جلد هاءِ پرفارمنس سينٽر پشاور جو پڻ افتتاح ڪندو، جنهن سان ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي ڍانچي ۽ رانديگرن جي ترقي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا.










