ڀارت کان ايندڙ هوائون فضائي معيار خراب ڪن پيون : مريم اورنگزيب

ڀارت کان ايندڙ هوائون فضائي معيار خراب ڪن پيون : مريم اورنگزيب

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته لاهور ۾ هوائن جي رفتار گهٽ هجڻ ۽ ڀارت کان ايندڙ هوائن سبب فضائي معيار خراب ٿي رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته فضائي گدلاڻ گهٽائڻ لاءِ نگراني، روڪٿام ۽ ميداني سطح تي قانون لاڳو ڪرڻ جون ڪارروايون جاري آهن. مريم اورنگزيب موجب ڀڃڪڙين تي ٽن صنعتي يونٽن کي سيل ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 16 لک رپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي. پنجاب جي سينيئر وزير چيو ته سرن جا چار بٺا ڊاهي پٽ ڪيا ويا، اٺن کي سيل ڪيو ويو ۽ چئن بٺن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته 10 لک رپيا ڏنڊ پڻ لڳايو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته غير معياري پلاسٽڪ فيڪٽرين خلاف ڪارروائين دوران 178 هنڌن جو معائنو ڪيو ويو، جن مان 13 هنڌن کي سيل ڪري 613 ڪلوگرام پلاسٽڪ ضبط ڪئي وئي. صوبائي وزير موجب فصلن جا رهيل ٽڪر ۽ باقيات ساڙڻ خلاف ڪارروائين دوران 5 لک 16 هزار 327 وارننگ نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو