ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سپر هاءِ وي واري علائقي فقيرا ڳوٺ جي پريشان چوڪ ڀرسان گهر اندر فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ جميله زال ايوب ۽ مهر علي پٽ دادو طور ڪئي وئي آهي. واقعو غيرت جي نالي تي پيش آيو، جتي جوابدار ايوب مبينا طور فائرنگ ڪري پنهنجي زال ۽ سندس دوست کي قتل ڪيو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار واردات بعد موقعي تان فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي. واقعي واري هنڌ تان 30 بور پسٽل جا ٻه خول پڻ هٿ آيا آهن، جڏهن ته ٻنهي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










