صوبن ۽ 28هين ترميم خلاف عوامي تحريڪ جون ڪانفرنسون

صوبن ۽ 28هين ترميم خلاف عوامي تحريڪ جون ڪانفرنسون

حيدر آباد (ن س) سنڌ ۾ نوان صوبا يا انتظامي يونٽ ٺاهي سنڌ جي تاريخي وجود کي ميسارڻ، 28هين آئيني ترميم، سنڌ جي معدني وسيلن ۽ زمينن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن ڪئنالن ۽ ڊيمن جي اڏاوت خلاف عوامي تحريڪ جي جاري عوامي سجاڳي مهم جي سلسلي ۾ سکر، ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ سجاول سميت مختلف شهرن ۾ ڪانفرنسون ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويا، جڏهن ته ضلعي ڪنوينشن ڪوٺائي عوامي تحريڪ جون نيون ضلعي باڊيون پڻ چونڊيون ويون. تفصيل موجب سکر ۾ ڪانفرنس ۽ عوامي تحريڪ ضلعي سکر جو ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ذوالفقار ميراڻي ضلعي صدر ۽ ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا. ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ستار رند، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، عوامي تحريڪ ضلعي سکر جي نئين چونڊيل صدر ذوالفقار ميراڻي، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي سکر جي صدر شمشاد ٻپڙ، روبينا ڀٽي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. عوامي تحريڪ ضلعي سکر جي نئين چونڊيل باڊي ۾ مونس ابراهيم چنا نائب صدر، مهتاب بلو جوائنٽ سيڪريٽري، رياض ملڪ خزانچي، عامر بگٽي ميڊيا سيڪريٽري، اياز ڪلوڙ آفيس سيڪريٽري، بلاول انصاري ثقافتي سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ حنا جتوئي ليگل سيڪريٽري چونڊيا ويا. جڏهن ته ميمبرن ۾ شمشاد ٻپڙ، عمر انصاري، ذوالفقار جتوئي ۽ مهراڻ سومرو شامل آهن. عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جو ڪنوينشن مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي جي نگراني ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي نئين باڊي چونڊي وئي. نئين باڊي ۾ اوڀايو جوڻيجو ضلعي صدر، رحمان نهڙيو نائب صدر، سوجھرو ميگهواڙ جنرل سيڪريٽري، عمر بجير جوائنٽ سيڪريٽري، پرتاب ڪولهي خزانچي، اي بي چارو پريس سيڪريٽري، وڪيل ديال صحرائي ليگل ايڊوائيزر، ماجد پسايو آفيس سيڪريٽري ۽ ديپ راٺوڙ ثقافتي سيڪريٽري چونڊيا ويا. ميمبرن ۾ پياسي ميگهواڙ، مارو قاسماڻي اوٺو، سرويچ ۽ امرسنگهه ڀيل شامل آهن. عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي ضلعي ڪانفرنس ۽ سنڌ کي درپيش خطرن بابت سيمينار پريس ڪلب هال ميرپورخاص ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر دلدار لغاري عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جو صدر ۽ ساجن ڪمار جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا. ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالرحمان سمون، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمراه سمون، عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، اياز کوسو، مختيار خاصخيلي، قاسم ناريجو، ساجن ڪمار، اياز ڪلوئي وڪيل، اقبال رند، ماما اشرف رند، وڪيل ۽ سگا اڳواڻ نياز لغاري، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي صدر زبيده ڪلوئي، سورج ڪولهي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. ان موقعي تي نجيب رحمان کوسو، مڪيش ڪمار، گنگا رام ۽ نور آفتاب ڪلوئي گيت ۽ شاعري پيش ڪئي. عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي چونڊ ۾ مختيار خاصخيلي نائب صدر، رزاق بلوچ جوائنٽ سيڪريٽري، اياز کوسو پريس سيڪريٽري، اياز ڪلوئي وڪيل ليگل سيڪريٽري، پرڀو لال ماليات سيڪريٽري، شمشير نونداڻي ثقافتي سيڪريٽري ۽ امير بخش جروار آفيس سيڪريٽري چونڊيا ويا، جڏهن ته 21 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي پڻ جوڙي وئي. سجاول ضلعي جو ڪنوينشن بٺوري شهر ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو جي نگراني ۾ ٿيو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي ٻن سالن لاءِ نئين باڊي چونڊي وئي. نئين باڊي ۾ مجيد ساگر پرهياڙ صدر، عمر ڏيٿو نائب صدر، رزاق ٻائيتار جنرل سيڪريٽري، نواز ڏيٿو جوائنٽ سيڪريٽري، علي محمد پرويز ميمڻ مالياتي سيڪريٽري، عزيز ميمڻ ميڊيا سيڪريٽري، اشرف ميمڻ آفيس سيڪريٽري، خالد سمون ثقافتي سيڪريٽري ۽ گل مٺو مالهيو ليگل سيڪريٽري چونڊيا ويا. ڪانفرنسن، ڪنوينشنن ۽ سيمينارن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته 28هين آئيني ترميم ۽ نون صوبن جا منصوبا ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن. ايوب خان جي آمريت ۾ ون يونٽ مڙهي قومن جي وجود کان انڪار ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر قومن جو وجود ختم ڪرڻ لاءِ نون صوبن، انتظامي يونٽن ۽ 28هين آئيني ترميم جو تجربو ڪيو پيو وڃي، جيڪو ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو. اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ موجود پوسٽ هائبرڊ نظام ضيائي ۽ مشرفي مارشلائن کان به وڌيڪ آمراڻو آهي. ڪارن قانونن، آرڊيننسن ۽ آئيني ترميمن ذريعي عدليا کي حڪومت جي ماتحت بڻائي، ميڊيا کي قيد ڪري جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته صوبائي اختيار وفاق حوالي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي بندرگاهن ۽ سامونڊي پٽي تي قبضو ڪري انهن کي آمريڪي سامراج حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اڳواڻن واضح ڪيو ته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، جنهن جي وجود تي ڪنهن به صورت ۾ وار برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ جو ڪروڙين عوام پنهنجي وطن جي وجود ۽ وسيلن جي بچاءَ لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکندو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته صاف پاڻي کي گدلو بڻائڻ وارا منصوبا دهشتگردي آهن. گهوٽڪي ڊرينيج منصوبي ذريعي زهريلو پاڻي نارا ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارو واپڊا جو منصوبو سنڌين جي نسل ڪشي جي سازش آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اهڙو سازشي منصوبو آڻيندڙ واپڊا جي لاڳاپيل عملدارن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، جيئن مستقبل ۾ ڪو به صاف پاڻي ۾ زهريلا مادا ڇوڙ ڪري لکين انسانن، جانورن، پکين ۽ آبي جيوت جي نسل ڪشي ڪرڻ جي جرئت نه ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو