خوف ۾ ورتل اڄ جي صحافت

خوف ۾ ورتل اڄ جي صحافت

اعجاز ممنائي
سادن لفظن ۾ صحافت جو مطلب آهي سچ کي ڳولڻ، ان جي تصديق ڪرڻ ۽ ان کي بنا ڪنهن ڊپ ۽ لالچ جي عوام تائين پهچائڻ آهي۔ صحافت ڪو ڪاروبار ناهي، هڪ ذميواري آهي.صحافت لفظ “صحيفو” مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اخبار، ڪتاب يا لکڻي. مطلب ته لکيل ذريعي ماڻهن کي خبر ڏيڻ.صحافت جا چار بنيادي ٿنڀ آهن پهريون صحافت جو پهريون اصول سچ آهي. ٻڌل ڳالهه کي خبر نٿو چئجي. خبر اها آهي جنهن جي تصديق ٿيل هجي، جنهن جا ثبوت هجن. ٻيو صحافي جو ڪم تعريف ڪرڻ نه، سوال ڪرڻ آهي. حڪمران کان، وڏيري کان، آفيسر کان پڇڻ ته “عوام جو پئسو ڪٿي ويو؟ انصاف ڇو نه مليو؟” ٽيون جنهن ماڻهو جو آواز ڪٿي به نٿو ٻڌجي، ان جو آواز بڻجڻ صحافت آهي. هڪ غريب هاري، هڪ مظلوم عورت، هڪ بيروزگار نوجوان جي ڳالهه ايوانن تائين پهچائڻ. چوٿون صحافي ڪنهن به پارٽي، ڪنهن به گروهه جو ترجمان ناهي. هن جو تعلق رڳو سچ سان آهي، چاهي اهو سچ پنهنجي خلاف ئي ڇو نه هجي.
حقيقي صحافت ۾ صحافي حڪمران کان ڊڄندو آهي ته ڪٿي عوام سان ناانصافي نه ٿئي، ۽ اڄ جو حڪمران صحافي کي ڊيڄاري ٿو ته ڪٿي منهنجي خلاف نه لکي. ياد رکو جيڪڏهن ڪا خبر طاقتور کي ناراض نٿي ڪري ته اها خبر ناهي، اشتهار آهي. تنهن ڪري صحافت صرف خبر پڙهڻ جو نالو ناهي، اها طاقت کان سچ جو حساب وٺڻ جو نالو آهي.
چوندا آهن ته صحافت رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، پر اڄ اهو ٿنڀ پنهنجي ئي وزن هيٺ ڏڪي رهيو آهي. ڪڏهن قلم کي تلوار کان وڌيڪ طاقتور سمجهيو ويندو هو، اڄ اهو ئي قلم ڪنبندي هٿن ۾ آهي. اڄ جي صحافت آزاد ناهي رهي، اها خوف ۾ ورتل آهي. اڄ جو صحافي ٻن باهين ۾ ڦاٿل آهي. هڪ طرف رياستي ادارن جو اڻ ڏٺو دٻاءُ، ته ٻئي طرف مالڪن جا ڪاروباري مفاد آهن. سچ لکڻ تي پهريون حملو نوڪري تي ٿيندو آهي. ڪيترن ئي وڏن چينلن ۽ اخبارن تان بغير ڪنهن سبب جي صحافين کي ڪڍيو ويو، صرف ان ڪري جو انهن حڪمرانن کان سوال پڇيو. پيڪا ايڪٽ، غداري جا ڪيس، ايف آءِ اي جا نوٽيس، ٽيڪس جا ڇاپا – اهي سڀ هٿيار بڻجي ويا آهن. هڪ خبر تي سڄي زندگي ڪورٽ ڪچهري ۾ گذري ٿي. ارشد شريف جو قتل، مطيع الله جان، اسد طور ۽ ابصار عالم تي حملا، ڪيترن ئي صحافين جو کنڀجي وڃڻ، اهو سڀ ڪجهه ٻين لاءِ عبرت جو نشان بڻايو ويو آهي ته جيئن باقي پاڻمرادو خاموش ٿي وڃن.
اڳي سينسرشپ ڪينچي سان ٿيندي هئي، اڄ بٽڻ سان ٿئي ٿي.هي سڀ کان خطرناڪ سينسرشپ آهي. جڏهن صحافي پاڻ ئي سوچي ته “هي خبر هلي ته مسئلو ٿيندو” ۽ پاڻ ئي خبر کي ماري ڇڏي. اڄ 80 سيڪڙو سچ سيلف سينسرشپ جي نظر ٿي وڃي ٿو. اڄ ميڊيا جا مالڪ بلڊر، شوگر ملز وارا ۽ حڪومت کان اشتهار وٺندڙ آهن. اهي ڪڏهن به نه چاهيندا ته سندن چينل حڪومت جي خلاف ڳالهائي. نتيجي ۾ ايڊيٽر کي چيو ويندو آهي ته “هن موضوع کي نه ڇهجان.” حڪومت جو سڀ کان وڏو هٿيار سرڪاري اشتهار آهن. جيڪو چينل تنقيد ڪري ٿو، ان جا اشتهار بند. اخبارن جو ڪاغذ ئي اشتهارن تي هلي ٿو.
جڏهن مين اسٽريم ميڊيا خاموش ٿي ته عوام يوٽيوب ڏانهن هليو ويو. اتي ڪجهه بهادر آواز ضرور آيا، پر گڏوگڏ ريٽنگ جي ڊوڙ ۾ صحافت جو معيار به ڪري پيو. بغير تصديق جي خبر، گارگند، ٿمب نيل تي رت، اهو به صحافت ناهي. خوف جي ڪري هڪ طرف خاموشي آهي ته ٻئي طرف شور آهي. سنڌ جي صحافي کي ٻٽو خوف آهي. هڪڙو اهو ئي جيڪو اسلام آباد ۽ لاهور جي صحافي کي آهي، ٻيو پنهنجي ئي سماج جو. هتي سردار، وڏيري ۽ قبائلي تڪرار تي لکڻ به جان جوکي ۾ وجهڻ برابر آهي. ڪيترا ئي ضلعي رپورٽر بنا پگهار جي، بنا تحفظ جي رڳو سچ جي آسري تي ڪم ڪن ٿا ۽ آخر ۾ مارجي وڃن ٿا، سندن ڪيس به داخل نٿو ٿئي. صحافت کي خوف مان ڪڍڻ لاءِ صرف صحافين کي نه، عوام کي به اٿڻو پوندو.صحافين جي تنظيمن کي ذاتي مفادن کان مٿي ٿي هڪ ٿيڻو پوندو. عدليه کي صحافين جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا، رڳو بيان نه. عوام کي سمجهڻو پوندو ته جيڪو صحافي توهان لاءِ سوال ٿو پڇي، جڏهن هو کنڀجي ٿو ته جيڪڏهن توهان خاموش رهندؤ ته سڀاڻي توهان جو آواز به ڪير نه ٻڌندو.
خوف ۾ ورتل صحافت صحافت ناهي رهي، اها نوڪري بڻجي وئي آهي. جڏهن صحافي سوال ڪرڻ بدران تعريف ڪرڻ لڳي، جڏهن اينڪر حڪمران کان سوال ڪرڻ بدران سندس ترجمان بڻجي وڃي، ته سمجهو ته معاشرو بيمار ٿي چڪو آهي.سچ لکڻ اڄ به ممڪن آهي، پر ان جي قيمت تمام وڏي آهي. ۽ اها قيمت رڳو بهادر صحافي ئي ادا ڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو