ڀڳت ڪنور رام: سنڌ جو روادار روح

ڀڳت ڪنور رام: سنڌ جو روادار روح

آزاد انور مهر
پهرين نومبر سنڌ جي تاريخ جو اهو اڀاڳو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن سنڌ پنهنجي صوفياڻي روح جي هڪ حسين تجليءَ کان محروم ٿي وئي هئي. ڀڳت ڪنور رام جي نازڪ جسم ۾ گوليون پوکيندڙ قاتلن رڳو هڪ سچي صوفي سنت کي نه ماريو پر سنڌ جي صدين پراڻي رواداري، مذهبي هم آهنگي ۽ انسان دوست فڪر واري ويڪري سيني تي گرم گوليون لاٿيون هيون. اهو وار ڪنهن هڪ فرد تي نه، پر ان سنڌ جي روح تي هو، جنهن جي سڃاڻپ محبت، موسيقي، تصوف ۽ انسانيت جي آفاقي قدرن سان جڙيل هئي.
ڀڳت ڪنور رام رڳو هڪ راڳي، سنت يا صوفي نه هو، هو محبت جي ان ڪائنات جو نالو هو، جتي انسان جي سڃاڻپ سندس مذهب، ذات، رنگ يا نسل سان نه، پر سندس انسان هجڻ سان ٿيندي هئي. هو اهڙو درويش هو، جنهن جي دل ۾ نفرت لاءِ ڪا جاءِ نه هئي ۽ جنهن جي درٻار ۾ هر ماڻهو بنا ڪنهن مذهبي متڀيد جي اچي سگهندو هو. سندس وجود اهڙي گهاٽي بڙ جيان هو، جنهن جي ڇانوَ ۾ ٿڪل مسافرن کي مذهب جي سڃاڻپ کان سواءِ آٿت ڏيندي هئي.
هو وچ ميدان ۾ ڇير ٻڌي نچندو هو، پنهنجي مٺڙي آواز سان ماڻهن جي دلين ۾ سرن جا ڏيئا ٻاريندو هو ۽ راڳ جي پڄاڻيءَ تي جهولي ڦهلائيندو هو. ماڻهو عقيدت ۽ محبت وچان سندس جهوليءَ ۾ پئسا، ڪپڙا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه وجهندا هئا، پر ۽ هو ان مان پنهنجي ضرورت جيترو رکندو هو ۽ باقي سڀ ڪجهه غريبن، مسڪينن ۽ ضرورتمندن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. سندس جهوليءَ ۾ پوندڙ دولت جو وڏو مسڪين ماڻهن کي دان ڪندو هو، سندس در تي ايندڙ ۾ گهڻائي مسلمانن جي هوندي هئي گهڻائي وارو اهو انگ رڳو هڪ تاريخي حقيقت نه، پر ان دور جي سنڌ جي سماجي رواداريءَ جو روشن دستاويز آهي. اهو ثابت ڪري ٿو ته ڪنور رام جي محبت ڪنهن هڪ مذهب جي حدن ۾ قيد نه هئي. سندس در هر انسان لاءِ کليل هو ۽ سندس دل هر دکئي لاءِ ڌڙڪندي هئي.
جڏهن هو پنهنجي ٻاجهاري آواز ۾ ”نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو“ ڳائيندو هو ته ڄڻ ماحول تي هڪ عجيب روحاني ڪيفيت ڇانئجي ويندي هئي. سندس آواز جي مٺاس ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي هئي. ننڍا توڙي وڏا، امير توڙي غريب، هندو توڙي مسلمان، سڀ سندس راڳ جي رمز ۾ پنهنجي دل جو سڪون ڳوليندا هئا. هو پنهنجي گائڪيءَ عبادت ڪندو هو اهڙي عبادت، جنهن جو محراب انسان جي دل ۽ جنهن جو سجدو انسانيت جي خدمت هئي.
ڀڳت ڪنور رام جو جنم 13 اپريل 1885 تي تاراچند ۽ تيرٿ ٻائي جي گهر، ڳوٺ جروار شريف، ضلعي گهوٽڪي ۾ ٿيو. هو ويدانتي فڪر سان سلهاڙيل صوفي ۽ سيڪيولر يوڳي هو، جنهن جي زندگيءَ جو مرڪزي پيغام محبت، رواداري ۽ انسانيت جي خدمت هو. 1917ع ۾ سنت سترام داس کان پوءِ رھڙڪي درٻار جي گاديءَ تي ويٺو. اها گادي اقتدار، دولت يا پير پرستيءَ جي علامت نه هئي، پر محبت ورهائڻ، ڏکويل دلين کي آٿت ڏيڻ ۽ انسانن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جو مرڪز هئي.
ڪنور رام انهن ناياب انسانن مان هو، جن جي موجودگيءَ سان ماحول ۾ اميد جا گلاب ٽڙي پوندا آهن. هو ماڻهن جي منجهيل ذهنن کي محبت جي نگاهه سان ڏسندو هو. سندس چهري جي معصوم مرڪ ۾ اهڙي ڪشش هئي، جو ڏک ۽ مايوسيءَ ۾ ورتل ماڻهو به سندس هڪ جهلڪ سان پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندا هئا. هو اڃارن چپن تي وسندڙ آبِ حيات جي پهرين ڦڙي جيان هو، جنهن جي موجودگيءَ سان مايوسين جي ريگستان ۾ به آس جا گل ڦٽي پوندا هئا.
هو ڪلا جي ڪائنات جو اهڙو ڪينر هو، جنهن جي تار ڇڙڻ سان دلين جا وڇوڙا گهٽبا ۽ محبت جا وچن جاڳندا هئا. سندس آواز ۾ رڳو سرن جي مٺاس نه، پر هڪ پوري تهذيب جي خوشبو سمايل هئي. اها تهذيب، جيڪا انسان کي انسان سان جوڙڻ ڄاڻندي هئي، جيڪا عبادت کان اڳ انسانيت ۽ عقيدي کان اڳ محبت کي اهميت ڏيندي هئي.
پر تاريخ جا ڪي لمحا اهڙا به هوندا آهن، جڏهن نفرت انسانيت جي چهري تي پنهنجا ڪارا هٿ رکي ڇڏيندي آهي. پهرين نومبر تي اهڙو ئي هڪ المناڪ واقعو پيش آيو. رڪ ريلوي اسٽيشن وٽ ڀڳت ڪنور رام کي گولين جو نشانو بڻايو ويو. جنهن جهوليءَ ۾ سڄي عمر محبت جا گل ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ عطيا گڏ ٿيندا رهيا، تنهن جهوليءَ تائين آخرڪار موت جي گولي به پهتي. پر عجيب ڳالهه آهي ته جنهن شخص سڄي زندگي دولت ٻين ۾ ورهائي، تنهن پنهنجي آخري گهڙيءَ ۾ گوليءَ جو درد به ڪنهن سان ورهائي نه سگهيو.
قاتلن سندس جسم کي خاموش ضرور ڪيو، پر سندس آواز کي هميشه لاءِ ختم ڪري نه سگهيا. سندس راڳ اڄ به سنڌ جي فضائن ۾ گونجي ٿو، سندس فڪر اڄ به انسان دوست دلين ۾ زندهه آهي ۽ سندس ڪردار اڄ به مذهبي ڪٽرپڻيءَ جي اونداهين ۾ رواداريءَ جو ڏيئو بڻيل آهي.
ڀڳت ڪنور رام جي شهادت سنڌ لاءِ رڳو هڪ عظيم انسان جو وڇوڙو نه هئي، پر اها سنڌ جي گڏيل تهذيبي ورثي تي لڳل اهڙي گهري گهاءَ جيان هئي، جنهن جا نشان اڄ به محسوس ٿين ٿا. سنڌ جي تاريخ ۾ محبت ۽ رواداريءَ جا جيڪي روشن باب لکيل آهن، ڪنور رام انهن مان هڪ اهڙو باب آهي، جنهن کي وقت جي مٽيءَ سان ڍڪي نٿو سگهجي.
هو سنڌ جو اهو سپوت هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ سان ثابت ڪيو ته مذهب انسانن کي ورهائڻ لاءِ نه، پر انسان کي انسان سان جوڙڻ لاءِ هجڻ گهرجي. سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو پيغام اهو هو ته عبادتگاهن جون ديوارون ڀلي الڳ هجن، پر انسانيت جي دل هڪ ئي هجڻ گهرجي. اڄ پهرين نومبر تي جڏهن سنڌ پنهنجي هن امر سپوت جي شهادت کي ياد ڪري ٿي ته اسان جي سامهون رڳو هڪ شهيد جو چهرو نه، پر سنڌ جي ان اصل سڃاڻپ جو عڪس به اچي ٿو، جنهن ۾ محبت سڀ کان وڏو مذهب، انسانيت سڀ کان وڏي عبادت ۽ رواداري سڀ کان وڏي سڃاڻپ آهي.
اچو ته اڄ پنهنجي ڌرتيءَ جي هن سچي عاشق، امر راڳي، درويش صفت انسان ۽ شهيدِ محبت ڀڳت ڪنور رام جي 87هين ورسيء جي موقعي تي سندس پاڪ آتما آڏو عقيدت جا گل نڇاور ڪريون. ڀڳت ڪنور رام جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس آواز، سندس محبت ۽ سندس انسان دوست فڪر اڄ به سنڌ جي روح ۾ زندهه آهن. سلام تنهنجي امر آتما کي، اي سنڌ جا روادار روح

پهنجو تبصرو موڪليو