اعجاز ممنائي
بنيامين نتنياهو جي سياسي زندگي ۽ سندس حڪومت کي درپيش چئلينجز يا شڪستن جا ڪيترائي اهم سبب آهن، جن کي اسرائيلي ۽ عالمي سياسي تجزيه نگار اڪثر بيان ڪندا آهن. انهن مان اهم سبب هي آهن۔ 7 آڪٽوبر جا سيڪيورٽي ناڪاميون: حماس پاران ڪيل 7 آڪٽوبر 2023 جي حملي کي اسرائيلي تاريخ جي سڀ کان وڏي انٽيليجنس ۽ سياسي ناڪامي قرار ڏنو ويو. نتنياهو تي الزام آهي ته هو ملڪ کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويو. سندس حڪومت پاران عدليه جي اختيارن کي گهٽائڻ واري تڪراري بل جي ڪري ملڪ ۾ مهينن تائين لکين ماڻهن وڏا احتجاج ڪيا، جنهن سان ملڪي اتحاد ڪمزور ٿيو. نتن ياهو تي رشوت، ٺڳي ۽ امانت ۾ خيانت جا ڪيترائي عدالتي ڪيس هلندڙ آهن. انهن ڪيسن کيس سياسي طور تي ڪافي ڪمزور ڪيو ۽ سندس مخالفن کي کيس “پنهنجي مفادن لاءِ وڙهندڙ” ثابت ڪرڻ جو موقعو مليو. اقتدار ۾ رهڻ لاءِ نتنياهو انتهائي ساڄي ڌر جي ۽ سخت پسند مذهبي پارٽين سان اتحاد ڪيو، جنهن جي ڪري وڏي پيماني تي سيڪيولر ۽ معتدل اسرائيلي عوام سندس خلاف ٿي ويو. غزه ۾ موجود اسرائيلي يرغمالين کي واپس آڻڻ ۾ ناڪامي ۽ جنگ کي طول ڏيڻ واري حڪمت عملي تي يرغمالين جي خاندانن ۽ عوام ۾ شديد ڪاوڙ ملي ٿي. غزه جنگ دوران وڏي پيماني تي انساني نقصانن جي ڪري اسرائيل کي بين الاقوامي سطح تي، بشمول گڏيل قومن ۽ عالمي عدالتن ۾، سخت تنقيد ۽ سفارتي اڪيلائي جو منهن ڏسڻو پيو آهي.
نتن ياهو، جنهن پاڻ کي ناقابلِ شڪست ليڊر طور پيش ڪيو، آخرڪار تاريخ جي بدترين سياسي ۽ اخلاقي شڪست سان منهن ڏئي رهيو آهي۔ ٻن سالن جي وحشياڻي بمباري، هزارين معصوم ٻارن جي شهادت ۽ مڪمل فوجي طاقت استعمال ڪرڻ باوجود، حماس کي ختم ڪرڻ جو خواب چڪناچور ٿي ويو۔ دنيا ڏٺو ته هڪ ايٽمي طاقت، مزاحمت جي سامهون بيوس ٿي وئي۔اڄ اسرائيل ڪڏهن به ايترو اڪيلو نه هو۔ گڏيل قومن کان وٺي عالمي عدالت انصاف تائين، هر فورم تي نتن ياهو تي جنگي ڏوهن جا ڪيس هلي رهيا آهن۔ يورپ جا پنهنجا اتحادي به هن کان منهن موڙي رهيا آهن۔ آمريڪا جي اندر به نوجوان نسل کليل نموني هن جي پاليسين جي مخالفت ڪري رهيو آهي۔
اسرائيل جي اندر، لکين ماڻهو هر هفتي روڊن تي نڪري نتن ياهو جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن۔ يرغمالين جي مائٽن، فوج جي اڳوڻن جنرلن ۽ انٽيليجنس چيفن سڀني چيو آهي ته نتن ياهو پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ جنگ کي ڊگهو ڪري رهيو آهي۔ هن تي ڪرپشن جا ڪيس اڳ ئي هلي رهيا آهن ۽ هاڻي هن کي جيل جو خوف ستائي رهيو آهي۔ سڀ کان وڏي شڪست اخلاقي آهي۔ دنيا هاڻي اسرائيل کي مظلوم نه پر ظالم طور ڏسي رهي آهي۔ سوشل ميڊيا، يونيورسٽين ۽ عالمي ميڊيا تي فلسطين جو آواز گونجي رهيو آهي۔ نتن ياهو جو اهو پروپيگنڊا ته هو تهذيب جي حفاظت ڪري رهيو آهي، مڪمل طور تي بي نقاب ٿي چڪو آهي۔
مطلب ته اڄ تاريخ لکجي رهي آهي ته طاقت، غرور ۽ ظلم تي ٻڌل سياست جي آخر ۾ عبرتناڪ شڪست ئي مقدر آهي، ۽ نتن ياهو ان جي جيئري جاڳندي مثال آهي۔ڇوته اسرائيل جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عرب مسلمان جماعتن جي 19 سيٽون کٽڻ جا اطلاع سامهون آيا آهن، جيڪا هڪ وڏي سياسي تبديلي آهي۔ ياد رهي تهىگذريل چونڊن ۾ عرب جماعتون صرف 10 سيٽن تائين محدود هيون، ۽ ان کان اڳ 2020 جي چونڊن ۾ وڌ کان وڌ 15 سيٽون کٽي سگهيون هيون۔ هن ڀيري وڏي ڪاميابي جو مکيه سبب مسلمان سياسي جماعتن جو پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪري گڏيل چونڊ مهم هلائڻ آهي۔ڪيترائي ڀيرا اسرائيلي اليڪشن ڪميشن انهن عرب جماعتن تي پابندي لڳائي چڪو آهي، پر هر ڀيري اسرائيلي سپريم ڪورٽ اهي پابنديون ڪالعدم قرار ڏئي کين اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني آهي۔
اسرائيل جي ڪل آبادي لڳ ڀڳ 1 ڪروڙ آهي، جنهن مان 21 لک عرب آهن جيڪي ڪل آبادي جو 21 سيڪڙو آهن۔ انهن مان لڳ ڀڳ 18 لک مسلمان ۽ باقي عيسائي آهن۔ڪل ووٽر 70 لکن جي لڳ ڀڳ آهن، جن مان 12 لک عرب ووٽر آهن ۽ انهن مان 10 لک مسلمان ووٽر آهن۔ عرب آبادي 21 سيڪڙو آهي پر ووٽر 17 سيڪڙو، ان جو سبب آهي ته مسلمانن جي نئين نسل جو وڏو حصو اڃا 18 سالن کان گهٽ عمر جو آهي۔ مطلب ته ايندڙ چونڊن ۾ شرحن جي واڌ سبب مسلمان ووٽر وڌيڪ ٿيندا۔
جڏهن اسرائيل ٺهيو ته لڳ ڀڳ 7 لک مسلمان جنگ دوران مغربي ڪناري، اردن، لبنان ۽ شام ڏانهن لڏي ويا۔ پر لڳ ڀڳ ڏيڍ لک عرب جيڪي گهڻو ڪري حيفا، ناصرت، الجليل، يافا جهڙن علائقن جا بدو عرب هئا، انهن پنهنجو گهر ۽ زمين ڇڏڻ بدران اتي ئي رهيا۔ جنگ بندي کان پوءِ اهي اسرائيل جي سرحدن اندر رهجي ويا ۽ 1952 جي شهريت واري قانون تحت کين شهريت، پاسپورٽ ۽ ووٽ جو حق مليو۔ اڄ اها ڏيڍ لک جي آبادي وڌي 21 لک ٿي چڪي آهي۔اسرائيل ۾ 18 سالن جي عمر ۾ فوجي سروس لازمي آهي، پر دروز عرب ڪميونٽي کانسواءِ باقي عرب مسلمانن ۽ عيسائين کي قانوني طور استثنيٰ ڏنل آهي۔ ان باوجود ڪجهه مسلمان نوجوان رضاڪارانه طور فوج ۾ شامل ٿين ٿا، جن جو تناسب 1 سيڪڙو کان به گهٽ آهي۔ڪڏهن ڪڏهن انهن جي حب الوطني تي شڪ به ڪيو ويندو آهي، پر ان باوجود اهي سياست ڪن ٿا، پارليامينٽ (ڪنيست) ۾ وڃن ٿا، سپريم ڪورٽ ۾ جج ٿين ٿا۔ اسرائيل جي اسپتالن ۾ لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو ڊاڪٽر ۽ فارماسسٽ عرب مسلمان آهن۔تازين چونڊن ۾ ڪا به جماعت يا اتحاد سادي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيو آهي۔ حڪومت ٺاهڻ لاءِ حڪومتي يا اپوزيشن اتحاد کي مسلمان جماعتن جي حمايت جي ضرورت پوندي۔ ان ڪري مسلمان جماعتن کي ڪنگ ميڪنگ واري حيثيت ملي وئي آهي۔
انهي صورتحال ۾ يا ته ٻيهر چونڊون ٿينديون يا مسلمان جماعتون اپوزيشن کي ووٽ ڏئي حڪومت ٺاهڻ ۾ مدد ڪنديون ۽ بدلي ۾ عرب علائقن ۾ ترقياتي ڪم ۽ سرڪاري سختي ۾ نرمي ڪرائينديون پر عرب مسلمان حڪومتي ڪابينا ۾ ويهڻ کان احتياط ڪندا آهن، ڇو ته پوءِ کين اهڙن فيصلن جي به حمايت ڪرڻي پوندي جيڪي هو غلط سمجهن ٿا۔ چاهي نتن ياهو جو اتحاد هجي يا لپيد جو اپوزيشن اتحاد، ٻئي مسلمان اڳواڻن سان کليل نموني يا ڪئميرا جي سامهون ملڻ کان پاسو ڪندا آهن، ڇو ته ان سان سندن ووٽر ناراض ٿيڻ جو خطرو آهي۔ ان ڪري اهي ٻئي ڌريون سڌي حمايت بدران ٻين اتحادين جي جوڙ توڙ کي ترجيح ڏيندا۔ 2021ع ۾ ڪجهه مهينن لاءِ منصور عباس جي پارٽي رعم حڪومت سازي ۾ شامل ٿي، پر ٻيون عرب جماعتون جيئن ايمن عوده ۽ احمد طيبي جا اتحاد اپوزيشن ۾ ويهڻ کي ئي بهتر سمجهن ٿا۔ ايندڙ هڪ ڏهاڪي ۾ مسلمان آبادي جو ڪردار وڌيڪ وڌندو، ڇو ته هن وقت لکين ووٽر 18 سالن کان گهٽ عمر جا آهن ۽ جلد ئي ووٽر لسٽ ۾ شامل ٿيندا۔










