ليکڪ :نصير ميمڻ
سنڌ ۾ سم نالن جي رٿائن جي ڪا چڱي تاريخ ناهي رهي. واپڊا واران 80ع ۽ 90ع وارن ڏهاڪن ۾ شروع ڪيل ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي رٿائون ناڪام ثابت ٿيون ۽ وڏي ماحولياتي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيون. هاڻي وري واپڊا پاران گھوٽڪيءَ ۾ هڪ وڏي سم نالي رٿا جا سانباها ڪيا پيا وڃن.
ڪجھ ڏينهن اڳ پاڻي ماهر احسان لغاريءَ پڻ ان بابت هڪ تفصيلي مضمون لکيو هو. زرعي پاڻيءَ جي آخري نيڪال/ڇوڙ جو مسئلو رڳو انجنيئرنگ جو معاملو ناهي، پر اهو ماحولياتي انصاف، انساني صحت، زرعي معيشت ۽ سنڌ جي مستقبل سان جڙيل آهي.
سنڌ گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان اهڙين وڏين ڊرينيج رٿائن جا نتيجا ڀوڳي رهي آهي، جن جي ناقص رٿابندي ۽ عملدرآمد لکين ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪيو آهي. کاٻي پاسي جو ايل بي او ڊي لاڙ لاءِ ٻوڏن جو خطرو بڻيو، جڏهن ته ساڄي پاسي جو آر بي او ڊي ملڪ جي هڪ وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ منڇر کي زهريلي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو سبب بڻيو.
هاڻي ساڳئي پسمنظر ۾ گهوٽڪي ڊرينيج رٿا جي تجويز سنڌ لاءِ نئين ماحولياتي خطري جي گهنٽي آهي.
سنڌو طاس جي آبپاشي نظام جي آخري ڇيڙي تي واقع سنڌ کي ڄڻ ته سڄي سنڌو طاس جي زرعي ۽ صنعتي گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ هڪ قدرتي نالي طور ڏٺو ٿو وڃي. عالمي بئنڪ جي مالي سهڪار سان 1997ع ۾ شروع ڪيل نيشنل ڊرينيج پروگرام جو بنيادي تصور به سنڌو طاس جي زرعي زهريلي پاڻيءَ کي هڪ گڏيل نيڪال واري نظام ذريعي سمنڊ تائين پهچائڻ هو. پر ان تصور جي عملي آزمائش تڏهن ئي ناڪام ٿي وئي، جڏهن گهڻ ڊونر سهڪار سان ٺهيل ايل بي او ڊي رٿا رڳو ٽن ضلعن جي زرعي زهريلي پاڻيءَ کي محفوظ نموني نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي. ايل بي او ڊي رٿا جي اهم اڏاوت ڇولري ويئر (نالي جي ڪپ تي ٺهيل دِڪو) ٺهڻ کان ٿوري ئي عرصي اندر پاڻيءَ جي تيز وهڪري سبب لڙهي ويو. ان جي نتيجي ۾ هاڻي بدين، ٺٽي ۽ سجاول سميت لاڙ جا علائقا نيڪال جي پاڻيءَ، سمنڊ جي چاڙهه ۽ ٻوڏن جي گڏيل خطرن کي منهن ڏيندا رهن ٿا. ايل بي او ڊي جو تجربو سبق سکڻ لاءِ ڪافي هو، پر لڳي ٿو ته لاڳاپيل ادارن انهن مان ڪو به سبق ناهي سکيو.
ساڳي اداري واپڊا جي نگرانيءَ ۽ عملدرآمد هيٺ ساڄي پاسي واري ڊرينيج نظام، آر بي او ڊي، جي نتيجن ته ان کان به وڌيڪ سنگين ماحولياتي بحران پيدا ڪيو آهي. منڇر ڍنڍ ڪنهن وقت سنڌ جي قدرتي ماحول، مهاڻن جي روزگار، ٻني ٻاري ۽ لاڏائو پکين جو اهم ماڳ هئي. منڇر جو پاڻي مقامي آباديءَ جي زندگيءَ جو بنياد هو. مهاڻا مڇيءَ جي شڪار مان گذر سفر ڪندا هئا، جڏهن ته ڍنڍ جي ڪنارن تي رهندڙ ڪيترائي ڪٽنب زراعت ۽ ٻين قدرتي وسيلن تي ڀاڙيندا هئا. پر آر بي او ڊي رٿا جي ناقص رٿابنديءَ سبب ساڄي ڪناري وارن ضلعن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي منڇر ڏانهن موڙيو ويو. جنهن پاڻيءَ کي زرعي زمينن مان ڪڍي محفوظ نموني نيڪال ڪرڻو هو، اهو ئي پاڻي ڍنڍ جي تباهيءَ جو سبب بڻجي ويو.
زرعي ڪيميائي مادن، ڀاڻن، ڪيڙي مار دوائن، لوڻياٺ ۽ ٻي گدلاڻ جي ڪٺي ٿيڻ سان ڍنڍ جي پاڻيءَ جو معيار خراب ٿيندو ويو. مٺي پاڻيءَ جي قدرتي آمد گهٽجڻ ۽ زهريلي پاڻيءَ جي مسلسل وهڪري سبب ڍنڍ جي پنهنجي پاڻ کي صاف ڪرڻ واري قدرتي صلاحيت به جواب ڏئي وئي. مڇيءَ جي پيداوار گهٽجڻ ۽ روزگار جا ذريعا ختم ٿيڻ سبب هزارين ڪٽنب متاثر ٿيا، جن مان ڪيترن کي پنهنجا اباڻا علائقا ڇڏي، ٻين هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻي پئي. منڇر جي گدلاڻ جو سڀ کان ڏکوئيندڙ پهلو اهو آهي ته ان جا اثر رڳو مڇين، پکين ۽ زراعت تائين محدود نه رهيا، پر انساني جانين تائين به پهتا. مئي 2004ع ۾ حيدرآباد ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي گندي ٿيڻ سبب دستن ۽ ٻين پاڻيءَ وسيلي پکڙجندڙ بيمارين جي وبا ڦهلجي وئي. منڇر جو گدلو پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ٿيڻ کان پوءِ حيدرآباد جي واٽر سپلاءِ نظام ذريعي شهرين تائين پهتو. زهريلي پاڻيءَ جي فراهميءَ سبب پنجاھ کان وڌيڪ ماڻهو، خاص طور ٻار، بيمار ٿيا ۽ فوت ٿي ويا.
هي واقعو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهڙي تلخ يادگيري آهي، جيڪا ٻڌائي ٿي ته ناقص ماحولياتي منصوبابنديءَ جا نتيجا ڪاغذن تي درج ٿيل انگن اکرن تائين محدود ناهن هوندا؛ اهي گهرن ۾ ماتم، ٻارن جي موت ۽ عوامي صحت جي بحران جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن.
منڇر ۽ ايل بي او ڊي جي ناڪامين جي باوجود واپڊا پاران هاڻي گهوٽڪي ڊرينيج رٿا تيار ڪئي وئي آهي. هن رٿا جي لاڳت لڳ ڀڳ 156 ارب رپيا ڄاڻائي وئي آهي. ان رٿا هيٺ گهوٽڪي ضلعي جي اوٻاوڙو، ڏهرڪي، خانڳڙهه ۽ ميرپورماٿيلي وارن علائقن ۾1,067 ڪلوميٽر ڊگھو سم نالين جو ڄار اڏڻ جي رٿ ڏنل آهي.
ڪارو نارو، ريتي، ريڻي ۽ ٿر سم نالين تي ٻڌل چار ڊرينيج نظام مجموعي طور 3,183 ڪيوسڪ زهريلو پاڻي ڇڪيندا. رٿا ۾ ٻن وڏن ڇوڙ وارن نالن ذريعي اهو پاڻي نارا ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سڀ کان وڌيڪ ڳڻتيءَ وارو سوال آهي ته جيڪو پاڻي زرعي زمينن مان لوڻياٺ، ڪيميائي مادا ۽ ٻي گدلاڻ کڻي نڪرندو، تنهن کي آبپاشي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي اهم واھ ۾ ڇو ڇڏيو وڃي؟ رٿا جي ماحولياتي ۽ سماجي اثرن جي ڪٿ واري رپورٽ ۾ اهو مڃيو ويو آهي ته زهريلي پاڻيءَ جي ڇوڙ سان ٻين علائقن ۽ ڇوڙ وارن هنڌن تي ماحولياتي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. پر ان ماحولياتي ڪٿ واري رپورٽ ۾ گندي پاڻيءَ جي مقدار، ان جي ڪيميائي بناوت، لوڻياٺ، گدلاڻ جي شدت ۽ نارا ڪئنال جي پاڻيءَ تي ان جي اثرن بابت چٽا انگ اکر ناهن ڏنا ويا، جنهن سان ان رٿا جي ماحولياتي اثرن بابت ڳڻتي ويتر وڌي وڃي ٿي.
سياري يعني ربيع جي گهٽ درياهي وهڪرن وارن ڏينهن ۾ نارا ڪئنال ۾ پاڻيءَ جو مقدار گهٽجي ويندو آهي. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن وڏي مقدار ۾ زهريلو پاڻي نارا ۾ ڇڏيو ويو ته ان جي گدلاڻ کي گهٽائڻ لاءِ گهربل صاف پاڻي موجود نه هوندو ته ان جا اُگرا اثر آبپاشي، پيئڻ جي پاڻيءَ ۽ انساني صحت تي پئجي سگهن ٿا.
نارا ڪئنال سنڌ جو سڀ کان ڊگهو آبپاشي واھ آهي، جيڪو خيرپور، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي علائقن مان گذري ٿو. اهو لڳ ڀڳ 22 لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪري ٿو. سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽيءَ جي ڄاڻ موجب، نارا ڪئنال لڳ ڀڳ 66 لک ماڻهن لاءِ آبپاشي، پيئڻ ۽ گهريلو واهپي جي پاڻيءَ جو اهم ذريعو آهي. اهڙي اهم ڪئنال ۾ زهريلي پاڻيءَ جو ڇوڙ ڪرڻ عوامي صحت سان خطرناڪ هاڃو ڪرڻ برابر آهي.
سپريم ڪورٽ پاران 2016ع ۾ جوڙيل انڪوائري ڪميشن به گندي پاڻيءَ کي آبپاشيءَ وارن واهن ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي مخالفت ڪئي وئي هئي. گهوٽڪيءَ ۾ اڳي ئي هڪ ٻيو مسئلو موجود آهي.
پنجاب جي رحيم يار خان واري علائقي مان سم ڪلر جي انت واري اسڪارپ پروجيڪٽ هيٺ نڪرندڙ گندي پاڻيءَ جو اڻڄاتل مقدار گهوٽڪيءَ جي پوھ ۽ ستيارو ديهن جي ريگستاني علائقن ۾ ڇوڙ ٿيندو رهندو آهي. ان جي نتيجي ۾ وڏي ايراضيءَ ۾ زهريلو پاڻي بيهڻ ۽ زمين جي زرخيزي متاثر ٿيڻ جون شڪايتون موجود رهيون آهن. جيتوڻيڪ گھوٽڪي ڊرينيج جي دائري ۾ رحيم يار خان تائين نيڪال واري نظام کي وڌائڻ جي تجويز موجود ناهي، پر هڪ ڀيرو نئون نيڪال وارو نظام فعال ٿي ويو ته اڳتي هلي ان کي رحيم يار خان واري گدلي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڳنڍڻ جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري رٿا جي منظوريءَ کان اڳ پاڻيءَ جي هاڻوڪن ۽ مستقبل جي سمورن ذريعن، وهڪرن ۽ ڇوڙ وارن هنڌن جي مڪمل جاچ ضروري آهي.
سنڌ واسين کي ماضيءَ جي تجربن سبب ضروري آهي ته رٿا جي ڊزائن، پاڻيءَ جي ڪيميائي ڪٿ، گدلاڻ جي ماپ، پاڻيءَ جي ملاوٽ ۽ آخري ڇوڙ واري هنڌ بابت سمورا انگ اکر عوام آڏو رکيا وڃن. مقامي آبادين، آبادگارن، ماهيگيرن، ماحولياتي ماهرن ۽ لاڳاپيل ادارن کي فيصلي جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي.
منڇر جي تباهي ۽ حيدرآباد ۾ زهريلي پاڻيءَ سبب ٿيل انساني جاني نقصان کي وسارڻ نه گهرجي. اهي واقعا چتاءُ ڏين ٿا ته جڏهن ڊرينيج جا منصوبا قدرتي ماحول ۽ انساني جياپي جي وسيلن کي نظرانداز ڪري جوڙيا وڃن ٿا ته انهن جي قيمت ايندڙ نسلن کي به ادا ڪرڻي پوي ٿي.
سنڌ کي برابر نيڪال جي نظام جي ضرورت آهي پر اسان جي ادارن ۾ اهڙيون رٿائون ٺيڪ طرح سان ڊزائين ڪرڻ، انهن جي درست اڏاوت ڪرڻ ۽ هلائڻ جي صلاحيت ناهي. نتيجي ۾ اهي رٿائون ترقيءَ بجاءِ تباهيءَ جي شڪل اختيار ڪري وڃن ٿيون. سنڌ کي اهڙي ترقيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا زمين کي آباد ڪري، مٺي پاڻيءَ جي وهڪرن کي صاف رکي ۽ ماڻهن جي زندگين کي محفوظ بڻائي. سنڌ کي اهڙين رٿائن جي ضرورت ناهي، جيڪي هڪ علائقي جو مسئلو حل ڪرڻ جي نالي ۾ ٻئي علائقي لاءِ ماحولياتي آفت پيدا ڪن. (هي مضمون روزاني ڪاوش ۾ 27 آڪٽوبر 2026ع تي شايع ٿي جيڪا سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










