فدا حسين ملڪ
دنيا بدلجي چڪي آھي. علم حاصل ڪرڻ جا طريقا، سيکارڻ جا انداز، رابطي جا ذريعا ۽ روزگار جا ميدان، سڀ ڪجھ نئين صورت وٺي چڪو آھي. اڄ جيڪا قوم ٽيڪنالاجيءَ کان پري بيٺي، سڀاڻي اھا ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ به پوئتي رھجي ويندي. تعليم ڪنھن به قوم جي ترقيءَ جو بنياد ھوندي آھي، ۽ جڏھن تعليم پراڻن روايتي طريقن ۾ ڦاٿل ھجي ته سماج به اڳتي وڌي نٿو سگھي. سنڌ، جيڪا علم، ادب، تھذيب ۽ رواداريءَ جي ڌرتي آھي، اڄ پنھنجي تعليمي نظام بابت ھڪ اھم موڙ تي اچي بيٺي آھي. ھڪ پاسي اسان وٽ ذھين شاگرد، محنتي استاد ۽ علم سان پيار ڪندڙ سماج آھي، ته ٻئي پاسي اسان جا ڪيترائي اسڪول اڃا به بنيادي سھولتن، سٺن تدريسي طريقن ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ کان وانجھيل آھن. اھڙي حال ۾ سنڌ جي تعليم ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو واھپو ڪا سينگار جي شيءِ ناھي، پر وقت جي اڻٽر گھر آھي. ٽيڪنالاجيءَ مان مراد رڳو ڪمپيوٽر، موبائيل يا انٽرنيٽ ناھي. ان جو اصل مطلب آھي علم تائين سولي پھچ، سکيا کي دلچسپ ۽ شاگردن لاءِ آسان بنائڻ، استاد جي ڪم کي وڌيڪ ڪارائتو بنائڻ ۽ تعليمي وھنوار کي صاف سٿرو ۽ سھڻي نموني ھلائڻ. جڏھن شاگرد ڪتاب جي اکرن سان گڏ تصوير، وڊيو، آواز ۽ عملي مثالن سان سبق سکي ٿو، ته سندس سمجھ اونھي ٿئي ٿي، ياد تازي رھي ٿي ۽ پڙھڻ جو شوق به وڌي ٿو. اھا ئي اڄ جي تعليم جي سڃاڻپ آھي، ۽ ان کان سنڌ جو ٻار محروم نه رھڻ گھرجي.
سنڌ جي تعليم جي اڄوڪي صورتحال
سنڌ جي تعليم ڪيترن ئي مسئلن کي منھن ڏئي رھي آھي. ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪلاسن جي کوٽ، فرنيچر جي اڻاٺ، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ ۽ بجليءَ جھڙين بنيادي سھولتن جي کوٽ اڃا تائين موجود آھي. پري وارن ڳوٺن جا ٻار ميلن جو پنڌ ڪري اسڪول پھچن ٿا. ڪٿي استادن جي کوٽ سبب ھڪ ئي استاد کي ھڪ ئي ڪلاس ۾ گڏيل جماعتن کي پڙھائڻو پوي ٿو، جنھن ڪري ھر شاگرد تي ڌار ڌيان ڏيڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. ڪتابن جي دير سان پھچ، سائنس جي تجربيگاھن جي کوٽ ۽ نئين تدريسي سامان جي اڻھوند به سکيا جي معيار کي ڪمزور ڪري ٿي.ٻيو وڏو مسئلو اسان جو پراڻو تدريسي طريقو آھي، جيڪو گھڻي ڀاڱي رٽي ۽ ياد ڪرڻ تي بيٺل آھي. شاگرد امتحان پاس ڪرڻ لاءِ سبق ياد ته ڪري وٺي ٿو، پر ان سبق جي اصل سمجھ، سوچڻ جي سگھ، مسئلو سلجھائڻ جي صلاحيت ۽ نئين ڳالھ پيدا ڪرڻ واري سوچ منجھس پروان نٿي چڙھي. نتيجو اھو ٿو نڪري جو ڊگري ھٿ ۾ ھوندي به نوجوان عملي زندگيءَ ۽ روزگار جي ميدان ۾ پوئتي رھجي وڃي ٿو. اڄ جي دنيا ۾ رڳو ڊگري ڪافي ناھي، ان سان گڏ ھنر، ڊجيٽل ڄاڻ ۽ سوچڻ سمجھڻ جي سگھ به گھربل آھي.جيڪڏھن اسان ساڳين پراڻن طريقن سان ھلندا رھنداسين ته نتيجا به ساڳيا ئي ملندا. تنھن ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته پنھنجي تعليم کي ھن دور جي گھرجن سان ھڪجھڙو ڪريون، ۽ ان ڪم لاءِ ٽيڪنالاجي سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان ڪارائتو وسيلو آھي.
ٽيڪنالاجي ڇو گھربل آھي؟
سڀ کان پھرين ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ اھا آھي ته ٽيڪنالاجي علم جي يڪسانيت آڻي ٿي. اڳ ۾ سٺي تعليم رڳو وڏن شھرن، مھانگن اسڪولن ۽ وسيلن وارن گھراڻن تائين پھچندي ھئي. ڳوٺ جو ٻار سٺي لائبريريءَ، قابل استاد ۽ نئين معلومات کان پري ھوندو ھو. اڄ ھڪ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي وسيلي گھوٽڪي، ٿر، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ بدين جو شاگرد به اھو ئي ليڪچر ٻڌي سگھي ٿو، اھو ئي ڪتاب پڙھي سگھي ٿو ۽ ان ئي معلومات تائين پھچي سگھي ٿو، جيڪا ڪراچيءَ يا دنيا جي ڪنھن وڏي شھر جي شاگرد وٽ آھي. شھر ۽ ڳوٺ، امير ۽ غريب جي وچ ۾ علم جو اھو وڇوٽو گھٽجڻ ئي تعليم ۾ اصل برابري آھي. ٻيو ته ٽيڪنالاجي سکيا کي سولو ۽ وڻندڙ بنائي ٿي. سائنس جو ڏکيو سبق جڏھن ھلندڙ تصويرن ۽ وڊيو سان ڏيکاريو وڃي ٿو ته منٽن ۾ سمجھ ۾ اچي وڃي ٿو. رياضيءَ جا قائدا جڏھن روزاني زندگيءَ جي مثالن سان سمجھايا وڃن ٿا ته شاگرد ڊپ بدران دلچسپي وٺي ٿو. تاريخ، جاگرافي، ٻولي ۽ ادب جھڙا مضمون به نقشا، تصويرون، پراڻا واقعا ۽ آواز واري مواد سان جيئرا جاڳندا محسوس ٿين ٿا. شاگرد رڳو ٻڌندڙ نه ٿو رھي، پر سکيا ۾ پاڻ به ڀاڱي ڀائيوار بنجي ٿو. ٽيون اھم فائدو اھو آھي ته ٽيڪنالاجي وقت ۽ مفاصلي جي ديوار کي ڊاھي ڇڏي ٿي. برسات، ٻوڏ، بيماري يا ڪنھن ٻي اچانڪ آفت سبب جڏھن اسڪول بند ٿين ٿا ته پڙھائي به بيھجي وڃي ٿي. سنڌ ٻوڏن ۽ موسم جي بدلجڻ سبب بار بار اھو نقصان ڏٺو آھي، جنھن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر تعليم ٿي آھي. جيڪڏھن اسان وٽ آن لائين ڪلاسن، رڪارڊ ٿيل ليڪچرن ۽ ڊجيٽل مواد جو بندوبست ھجي ته اھڙين حالتن ۾ به ٻارن جي پڙھائي مڪمل طور تي نه رڪجي. ٽيڪنالاجي تعليم کي ٽٽڻ کان بچائي، ان کي جاري رکي ٿي.
شاگردن لاءِ ڪھڙا فائدا آھن؟
جديد ٽيڪنالاجي شاگرد کي پاڻ سکڻ جي عادت وجھي ٿي. اڄ جو شاگرد رڳو استادجي ليڪچر جو محتاج ناھي. ھو پنھنجي سوال جو جواب پاڻ ڳولي سگھي ٿو، ڪيترن ئي ذريعن مان معلومات وٺي سگھي ٿو، پنھنجي سولائيءَ واري رفتار سان پڙھي سگھي ٿو ۽ جتي نه سمجھي، اتي سبق وري وري ڏسي ۽ ٻڌي سگھي ٿو. اھا خود اعتمادي ٻار کي سڄي عمر سکڻ وارو بنائي ٿي.ٽيڪنالاجي پٺتي پيل ۽ خاص ٻارن لاءِ به وڏي وٿ آھي. جيڪو شاگرد ڪلاس ۾ سوال پڇڻ کان لنوائي ٿو، اھو ڊجيٽل ذريعي سان بنا جھجھڪ جي سکي سگھي ٿو. جيڪو ٻار ٻڌڻ يا ڏسڻ ۾ ڪمزور آھي، ان لاءِ آواز وارو مواد، وڏن اکرن وارا ليک ۽ وڊيو ۾ لکيل سمجھاڻي پڙھائيءَ کي آسان بنائي ٿي. ائين ھر ٻار کي سندس گھر ۽ سگھ آھر سکڻ جو موقعو ملي ٿو. ان سان گڏ اڄ جي دور ۾ ڊجيٽل ھنر پاڻ ھڪ لازمي تعليم بنجي ويو آھي. ڪمپيوٽر ھلائڻ، انٽرنيٽ جو محفوظ ۽ صحيح واھپو، ٽائپنگ، معلومات جي سچائي پرکڻ ۽ آن لائين ڳالھ ٻولھ، اھي سڀ اھڙا ھنر آھن جن کان سواءِ ڪو به نوجوان سرڪاري نوڪري، خانگي ڪم، ڪاروبار يا گھر ويٺي آن لائين روزگار ۾ اڳتي وڌي نٿو سگھي. جيڪڏھن اسان جا اسڪول اھي ھنر نه سيکاريندا ته اسان جا شاگرد ڊگري ھٿ ۾ ھوندي به پوئتي رھجي ويندا.
استاد ۽ ٽيڪنالاجي
ڪٿي ڪٿي اھو به چيو وڃي ٿو ته ٽيڪنالاجي استاد جي جاءِ وٺي ڇڏيندي، پر اھا ڳالھ درست ناھي. ٽيڪنالاجي استاد جي جاءِ ڪڏھن به وٺي نٿي سگھي،ڇاڪاڻ ته استاد رڳو معلومات ڏيندڙ ناھي، ھو ڪردار ٺاھيندڙ، رھبر ۽ ٻار جو ھمدرد ھوندو آھي. البته ٽيڪنالاجي استاد جو ھٿ ضرور مضبوط ڪري ٿي. جيڪو استاد سمارٽ بورڊ، ملٽي ميڊيا ليڪچر، آن لائين ٽيسٽ ۽ ڊجيٽل حاضريءَ جو واھپو ڪري ٿو، ان جو وقت بچي ٿو، پڙھائڻ وڌيڪ اثرائتو ٿئي ٿو ۽ ھو ھر شاگرد جي ڪارڪردگيءَ کي چڱيءَ طرح پرکي سگھي ٿو. استادن جي سکيا ۾ به ٽيڪنالاجي وڏو ڪم ڪري سگھي ٿي. پري وارن علائقن جا استاد سفر ۽ خرچ جي ڪري تربيتي پروگرامن ۾ شريڪ ٿي نه سگھندا ھئا. اڄ آن لائين تربيت ۽ وڊيو ليڪچرن وسيلي ھر استاد پنھنجي اسڪول يا گھر ويٺي نوان تدريسي طريقا سکي سگھي ٿو. ھڪ سٺو ۽ تربيت ورتل استاد سوين ٻارن جي زندگي سنواري سگھي ٿو، تنھن ڪري استادن کي ٽيڪنالاجيءَ سان سلھاڙڻ سڀ کان وڌيڪ فائدي واري سيڙپ آھي.استادن کي به گھرجي ته ٽيڪنالاجيءَ کي خطرو نه، پر موقعو سمجھن. جيڪو استاد پاڻ سکڻ لاءِ تيار ھوندو، اھو ئي پنھنجن شاگردن کي مستقبل لاءِ تيار ڪري سگھندو. ان لاءِ حڪومت، تعليم کاتي ۽ استاد تنظيمن کي گڏجي استادن جي لڳاتار ۽ عملي تربيت جو پڪو بندوبست ڪرڻو پوندو.
وھنوار ۽ شفافيت ۾ بھتري
ٽيڪنالاجيءَ جو فائدو رڳو ڪلاس ڪمري تائين محدود ناھي. تعليم جي سڄي وھنوار ۾ به اھا سڌارو آڻي سگھي ٿي. شاگردن جي داخلا، حاضري، امتحان جا نتيجا، استادن جون مقرريون ۽ بدليون، اسڪولن کي ملندڙ پئسا ۽ مرمت جا ڪم، جيڪڏھن ڊجيٽل نظام سان ھلايا وڃن ته بدعنواني گھٽبي، رڪارڊ محفوظ رھندو ۽ پاليسي ٺاھڻ لاءِ صحيح انگ اکر ھٿ ايندا. اڄ گھڻا فيصلا اندازي تي ڪيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته صحيح ۽ بروقت معلومات ھٿ نه ايندي آھي. ڊجيٽل انگ اکر ٻڌائي سگھن ٿا ته ڪھڙي ضلعي ۾ استادن جي کوٽ آھي، ڪھڙن اسڪولن مان ٻار وڌيڪ پڙھائي اڌ ۾ ڇڏين ٿا ۽ ڪٿي ڇوڪرين جي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي گھرآھي.امتحانن جي نظام ۾ به ٽيڪنالاجي سڌارو آڻي سگھي ٿي. آن لائين داخلا، نتيجن جي وقت تي ۽ صاف سٿري اشاعت ۽ شاگردن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو، اھي سڀ قدم امتحانن کي وڌيڪ ڀروسي جوڳو بنائيندا. جڏھن نظام صاف ٿيندو ته مائٽن، استادن ۽ شاگردن جو ڀروسو به موٽي ايندو.
ڏکيائيون ۽ رنڊڪون
اھا ڳالھ به اکين کان اوجھل نه ڪرڻ گھرجي ته سنڌ ۾ ٽيڪنالاجيءَ کي تعليم۾ آڻڻ سولو ڪم ناھي. سڀ کان وڏي رنڊڪ بنيادي سھولتن جي کوٽ آھي. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بجلي ئي ڪونھي، جتي آھي اتي لوڊشيڊنگ پڙھائيءَ کي متاثر ڪري ٿي. شھرن کان ٻاھر انٽرنيٽ ڪمزور آھي. ڪمپيوٽر جون ليبارٽريون يا ته آھن ئي ڪونه، يا انھن ۾ مشينون پراڻيون ۽ خراب پيون آھن. اھڙي حال ۾ رڳو اعلانن سان تبديلي نه ايندي. ٻي رنڊڪ غربت آھي. ھر مائٽ پنھنجي ٻار کي سمارٽ فون، ٽيبليٽ يا ليپٽاپ وٺي ڏئي نٿو سگھي. جيڪڏھن تعليم مڪمل طور تي مھانگن اوزارن تي بيھي وئي ته امير ۽ غريب جي وچ ۾ علم جو وڇوٽو گھٽجڻ بدران اڃا وڌي ويندو. تنھن ڪري ٽيڪنالاجيءَ کي اسڪولن جي اندر سڀني لاءِ ھڪجھڙو عام ڪرڻو پوندو، ته جيئن غريب جو ٻار به ان مان ساڳيو لاڀ وٺي سگھي.ٽين رنڊڪ ٻوليءَ جي آھي. انٽرنيٽ تي گھڻو مواد انگريزي يا اردوءَ ۾ آھي، جڏھن ته سنڌ جا لکين ٻار سنڌيءَ ۾ سوچين ٿا ۽ سنڌيءَ ۾ ئي سولائيءَ سان سکين ٿا. جيڪڏھن ڊجيٽل مواد سنڌي ٻوليءَ ۾ تيار نه ڪيو ويو ته ٽيڪنالاجي ٻارن لاءِ اوپري ئي رھندي. سنڌيءَ ۾ ڪتاب، وڊيو ليڪچر، موبائيل ايپ ۽ سکيا وارو مواد تيار ڪرڻ اڄ جي وڏي گھر آھي. اھو ڪم رڳو حڪومت جو ناھي، يونيورسٽين، اديبن، استادن ۽ نوجوان ماهرن کي به ان ۾ پنھنجو حصو ڳنڍڻ گھرجي.ان سان گڏ ٽيڪنالاجيءَ جو غلط واھپو به ھڪ خطرو پڻ آھي. موبائيل ۽ سوشل ميڊيا ٻارن جو ڌيان ڀٽڪائي سگھن ٿا. تنھن ڪري ٻارن کي ڊجيٽل اخلاق، محفوظ انٽرنيٽ ۽ وقت جي صحيح واھپي جي سکيا ڏيڻ به اوتري ئي ضروري آھي. ٽيڪنالاجي تڏھن ئي نعمت بنجي ٿي جڏھن ان جو واھپو مقصد سان ۽ وڏن جي رھنمائيءَ ۾ ڪيو وڃي.
اڳتي جو رستو
سنڌ جي تعليم ۾ ٽيڪنالاجي آڻڻ لاءِ سڀ کان پھريان ھڪ واضح، ڊگھي ۽ سياست کان پاڪ پاليسي گھرجي. ھر نئين حڪومت سان پاليسي بدلجڻ بدران ھڪ اھڙو گڏيل رستو ٺھڻ گھرجي جيڪو ورھين تائين ھڪ ئي رخ ۾ ھلندو رھي. ان پاليسيءَ ۾ ھر اسڪول کي واري واري سان بجلي، شمسي نظام، انٽرنيٽ، سمارٽ ڪلاس ۽ ڪمپيوٽر ليب ڏيڻ جا پڪا هدف مقرر ڪيا وڃن. ٻيو قدم استادن جي تربيت آھي. ھر استاد کي ڪمپيوٽر جي بنيادي سکيا لازمي ڏني وڃي ۽ نون ڀرتي ٿيندڙ استادن لاءِ ڊجيٽل ڄاڻ کي اھليت جو حصو بنايو وڃي. ھر ضلعي ۾ اھڙن ماهر استادن جون ٽوليون ٺاھيون وڃن جيڪي ٻين استادن جي مدد ۽ رھنمائي ڪن.ٽيون قدم سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊجيٽل نصاب تيار ڪرڻ آھي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ،يونيورسٽيون ۽ تعليم کاتو گڏجي ھر جماعت ۽ ھر مضمون لاءِ وڊيو ليڪچر،آواز وارا ڪتاب، مشقون ۽ ٽيسٽن جو ھڪ مفت آن لائين ذخيرو تيار ڪن، جنھن تائين ھر شاگرد بنا ڪنھن خرچ جي پھچي سگھي. اھو ذخيرو موبائيل تي سولائيءَ سان ھلڻ جوڳو ھجڻ گھرجي، ته جيئن ھلڪي انٽرنيٽ تي به ڪم ڪري سگھي.چوٿون، خانگي شعبي، موبائيل ڪمپنين ۽ سماجي تنظيمن کي به ھن نيڪ ڪم ۾شريڪ ڪيو وڃي. اھي اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر، شمسي بجلي ۽ انٽرنيٽ جون سھولتون ڏئي سگھن ٿيون، پر اھو سڀ ڪجھ ھڪ صاف نظام ھيٺ ٿيڻ گھرجي ته جيئن سھولت واقعي حقدار اسڪولن تائين پھچي.پنجون، مائٽن ۽ سماج کي به ھن تبديليءَ جو ڀاڱي ڀائيوار بنايو وڃي. مائٽن کي سمجھايو وڃي ته ٽيڪنالاجي رڳو راند روند جي شيءِ ناھي، اھا علم جو دروازو به آھي. جڏھن مائٽ ٻار جي ڊجيٽل پڙھائيءَ تي نظر رکندا ۽ استادن سان رابطي ۾ رھندا ته نتيجا اڃا وڌيڪ سٺا ٿيندا.
پڇاڙيءَ جا ٻه اکر
آخر ۾ اھو چوڻ ئي درست ٿيندو ته سنڌ جي تعليم جو مستقبل ٽيڪنالاجيءَ کان سواءِ اڌورو آھي. اسان پنھنجن ٻارن کي ايڪويھين صديءَ جي دنيا لاءِ ويھين صديءَ جي طريقن سان تيار نٿا ڪري سگھون. دنيا مصنوعي ذھانت، نئين ايجادن ۽ ڊجيٽل روزگار جي دور ۾ گھڙي چڪي آھي. جيڪڏھن اڄ به اسان فيصلو نه ڪيو ته اسان جا نوجوان سڀاڻي علم، روزگار ۽ عزت جي ميدان ۾ ٻين کان گھڻو پوئتي رھجي ويندا.پر مايوسيءَ جي ڪا ڳالھ ناھي. ھڪ استاد ھجڻ جي ناتي، تاريخ جي ذميواري اسان جي ڪلھن تي آھي، ۽ اسان ئي ان سموري عمل ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھون ٿا. سنڌ جي مٽيءَ ۾ ذھانت جي ڪا به کوٽ ڪونھي. اسان جا ٻار جڏھن به موقعو ملين ٿو ته ملڪي ۽ عالمي سطح تي پنھنجي سگھ مڃرائين ٿا. گھر رڳو ان ڳالھ جي آھي ته انھن کي موقعو، سھولت ۽ صحيح رھنمائي ملي. ٽيڪنالاجي اھو ئي موقعو آھي. اچو ته اسين سڀ — حڪومت، استاد، مائٽ، سماج ۽ نوجوان پاڻ — گڏجي سنڌ جي ھر اسڪول کي علم ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو مرڪز بنايون، ته جيئن سنڌ جو ھر ٻار، پوءِ اھو وڏي شھر جو ھجي يا ننڍڙي ڳوٺ جو، جديد دنيا سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي اڳتي وڌي سگھي. اھا ئي سنڌ جي اڳڀرائيءَ جي اصل واٽ آھي، ۽ اھا ئي ايندڙ نسلن سان اسان جي سچي وفاداري ٿيندي.










