اعجاز ممنائي
آمريڪي عملدارن جي دعوائن جي باوجود ته ايران جي ميزائل ۽ ڊرون صلاحيتون وڏي پيماني تي تباهه ٿي ويون آهن، تازن هفتن جي ڊيٽا مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران جي آپريشنل صلاحيتون خاص طور تي گهٽ نه ٿيون آهن. ترڪي نيوز ايجنسي انادولو جي مطابق، ايران 28 فيبروري کان وٺي پنهنجي جوابي حڪمت عملي جي حصي طور خليجي رياستن، اردن ۽ اسرائيل تي ڪل 6,770 ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا آهن، گڏيل عرب امارات، ڪويت، سعودي عرب، قطر، بحرين، عمان ۽ اردن جي دفاع ۽ داخلي وزارتن، تل ابيب ۾ قائم انسٽيٽيوٽ فار نيشنل سيڪيورٽي اسٽڊيز (INSS) ۽ اوپن سورس انٽيليجنس پليٽ فارمن مان حاصل ڪيل معلومات موجب انهن حملن جو سڀ کان وڏو نشانو گڏيل عرب امارات هو، جتي 2,429 حملا ڪيا ويا، ان کان پوءِ اسرائيل تي 1,365 حملا ۽ ڪويت تي 950 حملا ڪيا ويا. ايران اسرائيل خلاف پنهنجي انتقامي ڪارروائين ۾ 600 ميزائل ۽ 765 ڊرون استعمال ڪيا آهن. رپورٽ موجب، اهي انگ اکر ان تاثر کي رد ڪن ٿا ته ايران جي فوجي صلاحيت خاص طور تي ڪمزور ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ايراني حملن جي رفتار برقرار آهي. Lايران پنهنجي دفاعي حڪمت عملي ۾ بنيادي تبديلي آڻيندي پنهنجي ميزائل ۽ ڊرون جي پيداوار ۾ غير معمولي اضافو ڪيو آهي. تازين سرڪاري اعلانن موجب هي اضافو 2025 جي 12 ڏينهن واري آمريڪا-اسرائيل جنگ کان پوءِ سکيل سبقن جو نتيجو آهي. ايران جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي چيف آف اسٽاف برگيڊيئر جنرل عليرضا شيخ 16 اپريل 2026 تي اعلان ڪيو ته ايران جون 2025 جي جون واري جنگ کان پوءِ 7 مهينن اندر حملي آور ڊرونز جي پيداوار 10 ڀيرا وڌائي آهي. هن چيو ته “اسان پن پوائنٽ ميزائلن سان دشمن جي دفاعي مساوات کي خراب ڪري ڇڏيو” ۽ ايران هاڻي دفاع ۽ سلامتي جي شعبي ۾ “نئون ادب پيدا ڪيو آهي”. هن حڪمت عملي جو مقصد وڏي پيماني تي ڊرون حملا ڪرڻ آهي ته جيئن دشمن جو ايئر ڊفينس سسٽم ناڪام ٿي وڃي. گهٽ قيمت وارا خودڪش ڊرون جهڙوڪ شاهد سيريز ۽ نئون رضوان ڊرون وڏي تعداد ۾ ٺاهي هڪ ئي وقت سوين ڊرون فائر ڪيا ويندا آهن. ايران جي وزارت دفاع جي ترجمان برگيڊيئر جنرل رضا طلائي نيڪ 6 آڪٽوبر 2026 تي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ايران جي دفاعي پيداواري صلاحيت جنگ کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 2.5 ڀيرا وڌي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه هٿيارن جي پيداوار 3 ڀيرا کان به وڌيڪ وڌي آهي. هن ٻڌايو ته 1000 کان وڌيڪ هٿيار، سامان ۽ گولا بارود سسٽم هن وقت ملڪ اندر تيار ٿي رهيا آهن. IRGC جي ترجمان چيو ته ميزائل ۽ ڊرون جي پيداوار جنگ دوران به بند نه ٿي ۽ هاڻي ان جي حد، درستگي ۽ تباهي واري طاقت ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
ايران جي پاسداران انقلاب جي ترجمان برگيڊيئر جنرل حسين محبي چيو آهي ته ايران ڪنهن به آمريڪي قدم جو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي ۽ جيڪڏهن آمريڪا ڪو نئون حملو ڪيو ته ان جو جواب اڳ کان به وڌيڪ سخت ۽ شديد هوندو. هن انڪشاف ڪيو ته جاري تڪرار دوران به ايران جي ميزائل ۽ ڊرون سازي جو عمل مسلسل جاري رهيو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي مجموعي عسڪري صلاحيتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي.بريگيڊيئر جنرل محبي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا محدود پيماني تي به ڪا عسڪري ڪارروائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي توانائي جو هڪ شديد ۽ سنگين بحران جنم وٺي سگهي ٿو.آمريڪا سان عسڪري ڇڪتاڻ تي ڳالهائيندي ترجمان چيو ته آمريڪا ان کان اڳ به پنهنجي سموري عسڪري طاقت سان هن تڪرار ۾ شامل ٿيو هو پر هو پنهنجا اعلانيل ۽ غير اعلانيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيو ۽ کيس سخت اسٽريٽجڪ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته خطي ۾ قائم اڪثر آمريڪي عسڪري اڏا هن وقت غير فعال ٿي چڪا آهن، آمريڪا جي اڪثر سامان ۽ هٿيارن کي سخت نقصان پهتو آهي يا اهي تباهه ٿي چڪا آهن جڏهن ته آمريڪي فوجون ٿڪي هارائي ايراني ساحلن ۽ سرحدن کان سوين ڪلوميٽر پوئتي هٽي چڪيون آهن. ايران هاڻي “Offensive Defense Doctrine” تي عمل ڪري رهيو آهي. يعني دفاع لاءِ حملي جي صلاحيت کي وڌائڻ. طلائي نيڪ چيو ته “جديد ميزائل، ڊرون، بحري ۽ هوائي دفاعي نظام مڪمل طور تيار آهن ته جيئن دشمن جي ڪنهن به غلط قدم جواب ڏئي سگهجي”. مغربي رپورٽن موجب ايران پنهنجي پيداواري نيٽ ورڪ کي يونيورسٽين، ننڍين ورڪشاپن ۽ فرنٽ ڪمپنين ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ته جيئن بمباري کان بچي سگهجي. روس ايران کي ميزائل فراهم ڪري رهيو آهي ۽ چين کان پرزا ۽ ٽيڪنالاجي اچي رهي آهي، جنهن ڪري ايران پنهنجي هٿيارن جي ذخيري کي جلدي بحال ڪري ورتو آهي. ايران جو دعويٰ آهي ته هن آپريشن True Promise 4 دوران آمريڪي بيسز ۽ اسرائيلي هدفن تي 100 لهرن ۾ حملا ڪيا. ايران جو پيغام واضح آهي: پابندين ۽ حملن باوجود هو وڏي تعداد ۾ سستا پر خطرناڪ ڊرون ۽ ميزائل ٺاهي علائقي ۾ طاقت جو توازن پنهنجي حق ۾ ڪرڻ چاهي ٿو.










