سنڌ ۾ ڪمند جو ريٽ مقرر ڪريو ۽ پيڙائي شروع ڪرايو

سنڌ ۾ ڪمند جو ريٽ مقرر ڪريو ۽ پيڙائي شروع ڪرايو

حيدرآباد ( پ ر) سنڌ آبادگار بورڊ ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيڻ ۽ ڪمنڊ جي پيڙهائي شروع نه ٿيڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ پيڙهائي شروع ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط لکي ڇڏيو آهي.
ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏانهن لکيل خط ۾ ٻن مکيه مسئلن ڏانهن ان جو ڌيان ڇڪائيندي چيو آهي ته شگر فيڪٽريز ڪنٽرول ايڪٽ 1950 ۾کنڊ جي صنعت کي بهتر طريقي موجب هلائڻ لاءِ هڪ فريم ورڪ موجود آهي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ 18هين آئيني ترميم هيٺ زرعي شعبو صوبن جي حوالي ڪيو ويو هو پر ان ترميم کان اڳ به شگر فيڪٽريز ڪنٽرول ايڪٽ 1950 ذريعي کنڊ جي صنعت کي ضابطي ۾ رکڻ جون ذميوار صوبائي حڪومتون ئي هيون. پر اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته گذريل سال کان سنڌ حڪومت اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي.
خط ۾ وڏي وزير کي ياد ڏياريو ويو آهي ته ماضي ۾ شگر ملون آڪٽوبر جي مهيني ۾ ڪمند جي پيڙهائي شروع ڪنديون هيون، پر گذريل سال نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ سبب پيڙهائي جي شروعات ڊسمبر ۾ ڪئي وئي. اهڙي عمل سان حڪومت آبادگارن کي شگرملن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. اهو عمل قانون جي روح جي به ابتڙ آهي ۽ توازن به شگر ملن جي حق ۾ ڪري ڇڏيو آهي.
خط ۾ ان جي پڻ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته اڪثر ننڍا ۽ وچولا آبادگار ڪمند کان خالي ٿيندڙ زمين تي ئي ڪڻڪ جي پوک ڪندا آهن جنهن ڪري شگرملون دير سان هلڻ ۽ ڪمنڊ جي واڍي دير سان ٿيڻ جي نتيجي ۾ انهن جي ڪڻڪ جي پوک پڻ متاثر ٿيندي.
محمود نواز شاهه پنهنجي خط ۾ زور ڀريو آهي ته صوبائي حڪومت مقرر ڪيل طريقي هيٺ ڪمنڊ جي پيڙهائي شروع ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ۽ موجوده سيزن لاءِ ڪمند جو سرڪاري امدادي اگهه به مقرر ڪري

پهنجو تبصرو موڪليو