سياسي ڇڪتاڻ وڌي پئي، سياسي انتقامي ڪارروايون عروج تي آهن

سياسي ڇڪتاڻ وڌي پئي، سياسي انتقامي ڪارروايون عروج تي آهن

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر ملڪ ۾ وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سياسي انتقامي ڪارروايون عروج تي پهچي ويون آهن، جڏهن ته سياسي مخالف ايمرجنسي جي آڙ ۾ فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته سياسي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت سان جلد ۽ تعميري ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پارلياماني اجلاس کي معمول جي گڏجاڻي هجڻ باوجود غيرضروري طور سنجيده بڻايو پيو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پارٽي جي باني کي پنهنجي خاندان سان ملاقات جي اجازت نه ڏيڻ غيرانساني ورتاءُ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو