لاهور(ويب ڊيسڪ) ٽن ملڪي ون ڊي سيريز جي پنجين ميچ ۾ سريلنڪا پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان آسانيءَ سان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پاڪستان کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن تي قومي ٽيم جي بيٽرن انتهائي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ پوري ٽيم 25 ڏهائي 3 اوورن ۾ 110 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان بابر اعظم 29 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته حسن نواز 17، ڪپتان شاهين شاهه آفريدي 15 ۽ عرفات منہاس 10 رنسون ٺاهيون. انهن کانسواءِ ڪو به بيٽر ٻٽي انگ ۾ رنسون نه ٺاهي سگهيو. پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 11 رنسن تي ڪري، جڏهن فخر زمان 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ٻي وڪيٽ 23 رنسن تي ڪري پئي ۽ معاذ صداقت 8 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. قومي ٽيم جي ٽين وڪيٽ 46 رنسن تي ڪري، جڏهن سعد بيگ 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. چوٿين وڪيٽ 61 رنسن تي ڪري، سلمان علي آغا 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. پاڪستان جون پنجين ۽ ڇهين وڪيٽون به 61 ۽ 64 رنسن تي ڪري پيون، بابر اعظم 29 ۽ شاداب خان 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ستين ۽ اٺين وڪيٽ 91 رنسن تي، جڏهن ته نائين وڪيٽ 92 رنسن تي ڪري. عرفات منہاس 10، حسن نواز 17 ۽ حارث رؤف هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڪپتان شاهين شاهه آفريدي 15 رنسون ٺاهي آخري آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو. سريلنڪا طرفان دلشان مدوشنڪا شاندار بالنگ ڪندي 34 رنسن عيوض 5 وڪيٽون حاصل ڪيون. سريلنڪا 111 رنسن جو آسان هدف 19هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڪمنڊو مينڊس 62 ۽ پوون رتنائڪي 23 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. اوشڪا فرنينڊو 16 ۽ ڪوشل مينڊس 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي ۽ عرفات منہاس هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. سريلنڪا جي ڪاميابيءَ سان گڏ ئي ٽيم ٽن ملڪي سيريز جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته انگلينڊ جو سريلنڪا خلاف گروپ مرحلي جو آخري ميچ رڳو رسمي ڪارروائي بڻجي ويو.










