اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ويٽو پاور وڌائڻ جي مخالفت ڪندي اداري ۾ جامع، جمهوري ۽ منصفاڻي سڌارن تي زور ڏنو آهي، جڏهن ته ويٽو جي استعمال کانپوءِ جنرل اسيمبليءَ ۾ بحث ڪرائڻ جي حمايت پڻ ورجائي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن جي ڪائونسلر گل قيصر سرواني چيو ته ويٽو پاور ۾ واڌ سان سلامتي ڪائونسل ۾ اڻبرابري وڌيڪ وڌندي. هن نون مستقل ميمبرن جي شموليت ۽ ويٽو جي اختيار کي وڌائڻ جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ويٽو پاور ختم ڪرڻ يا ان جي استعمال تي سخت پابنديون لاڳو ڪرڻ جو حامي آهي، ڇاڪاڻ ته ويٽو اختيار جو ناجائز استعمال گڏيل قومن جي ساک کي نقصان پهچائي ٿو.گل قيصر سرواني وڌيڪ چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ چونڊيل ميمبرن جو انگ، نمائندگي ۽ ڪردار وڌايو وڃي. سندس چوڻ هو ته سلامتي ڪائونسل جي سڌارن بابت پنجن ئي اهم معاملن تي هڪ جامع پيڪيج تحت گڏيل طور فيصلا ڪيا وڃن. هن واضح ڪيو ته سڌارا سڀني لاءِ هئڻ گهرجن ۽ ڪنهن به ملڪ کي خاص رعايتون نه ملڻ گهرجن.










