پيٽرول ڪيتري تيزي سان مهانگو ٿيندو ڪجهه چئي نٿو سگهجي

پيٽرول ڪيتري تيزي سان مهانگو ٿيندو ڪجهه چئي نٿو سگهجي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايندڙ ٻن ٽن مهينن دوران تيل جا اگهه ڪهڙي رفتار سان وڌندا، ان بابت ڪجهه به چئي نٿو سگهجي.اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته جماعت اسلامي جي وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي آهي. هن چيو ته هن وقت عالمي واپار ۽ معيشت سخت دٻاءَ هيٺ آهن ۽ دنيا جي سڀني ملڪن ۾ تيل جا اگهه وڌي رهيا آهن. سڄي دنيا هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، تنهنڪري ايندڙ ٻن ٽن مهينن دوران اگهن ۾ واڌ جي رفتار بابت اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ناهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت کي ڄاڻ آهي ته تيل جي اگهن ۾ واڌ عام شهرين کي ڪيترو متاثر ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير سفارتي ڪوششون شروع ڪيون آهن، جن جو مقصد خطي ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ تيل جا اگهه گهٽائڻ آهي. احسن اقبال چيو ته حڪومت ڪا به غيرذميواراڻي وک کڻڻ نٿي چاهي. جماعت اسلامي جي وفد کي حڪومت کي پيش ايندڙ ڏکيائين کان آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته وفد پنهنجون تجويزون پڻ پيش ڪيون. هن ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو آهي ته هڪ گڏيل ڪميٽي جوڙي ويندي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا ٽي ٽي ميمبر شامل هوندا. ڪميٽي سمورين تجويزن تي ويچار ڪري انهن کي آخري شڪل ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو