ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات کاتي، حڪومت سنڌ مختلف ڊائريڪٽوريٽس ۽ ڪيڊرز ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ 32 آفيسرن ۽ ملازمن کي ايندڙ گريڊن ۾ ترقي ڏئي ڇڏي آهي. اهي ترقيون کاتي جي پروموشن ڪميٽين (ڊي پي سي ون ۽ ڊي پي سي ٽو) جي ڌار ڌار اجلاس ۾ ڏنيون ويون. ڊي پي سي ون جو اجلاس اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري بئريسٽر ڪاشف گلزار شيخ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز محمد يوسف ڪابورو، سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي (ايس جي اي اينڊ سي ڊي) جي ڊپٽي سيڪريٽري تاج محمد هاليپوٽو، اطلاعات کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري صاحب خان ڀنڊ ۽ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بي پي ايس 16 جي پنجن اسسٽنٽس کي بي پي ايس 17 ۾ سپريٽينڊنٽ جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اطلاعات کاتي جي مختلف ڊائريڪٽوريٽس ۾ مقرر سينئر ڪلارڪن کي پڻ لاڳاپيل قاعدن موجب ايندڙ عهدن تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ڊي پي سي ٽو جو اجلاس ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز محمد يوسف ڪابورو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اطلاعات کاتي جي ايڊمن ڊائريڪٽر محمد طارق امام، اطلاعات کاتي جي ايڊمنسٽريشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر حاجي محمد صابر ڪاڪا ۽ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بي پي ايس 11 جي ڇهن جونيئر ڪلارڪن کي بي پي ايس 14 ۾ سينئر ڪلارڪن عهدن جي طور تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ان کان علاوه ٽن جونيئر فوٽوگرافرن، ٻن اسسٽنٽ ڪيمرامين ۽ هڪ فلم ايڊيٽر کي لاڳاپيل سروسز رولز موجب فوٽوگرافر ۽ ڪيمرامين جي عهدن تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪميٽي بي پي ايس 06 جي چئن جونيئر ٽرانسليٽرن کي بي پي ايس 11 ۾ سينيئر ٽرانسليٽر، بي پي ايس 08 جي هڪ خطاط کي بي پي ايس 11، جڏهن ته بي پي ايس 05 جي ٽن ڊارڪ روم اٽينڊنٽس کي بي پي ايس 07 ۾ جونيئر فوٽوگرافرن جي عهدن تي ترقي ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني. اطلاعات کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن ترقين جي عمل جي مڪملي تي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، اطلاعات سيڪريٽري بئريسٽر ڪاشف گلزار شيخ ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز محمد يوسف ڪابورو جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ انهن جو ٿورو ادا ڪيو آهي.










