اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان اعلان ڪيو آهي ته نومبر جي وچ ڌاري اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو ويندو، مارچ ملتوي نه ڪنداسين، حڪومت مارچ کان اڳ پيٽروليم شين تي لاڳو ليوي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو طريقو جوڙي.وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ليويءَ جو بار وچولي طبقي ۽ غريب ماڻهن تي پئجي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت سان ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو آهي ته پيٽروليم شين تي عوام لاءِ رليف وڌايو ويندو، پر جماعت اسلامي ليوي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي، جڏهن ته حڪومت مرحليوار رليف ڏيڻ چاهي ٿي. هن چيو ته حڪومت سان وڌيڪ ڳالهيون ڪيون وينديون، پر نومبر جي وچ ڌاري مارچ ضرور ٿيندو. حڪومت وڌيڪ ست کان ڏهه ڏينهن گهريا آهن. حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت مارچ شروع ٿيڻ کان اڳ رليف پيڪيج جو اعلان ڪري، ڇو ته ليويءَ جي صورت ۾ عوام کان اضافي رقم وٺڻ وارو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. موجوده رليف پيڪيج مان عوام کي گهڻو فائدو نه پيو ملي. هن چيو ته ممڪن آهي ته مطالبن لاءِ روڊ تي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوي. جماعت اسلامي چاهي ٿي ته پيٽرول جي قيمت ۾ به رليف ڏنو وڃي ۽ ليوي به ختم ڪئي وڃي. جماعت اسلامي جي امير دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن سندس جماعت احتجاج نه ڪري ها ته حڪومت پيٽرول تي رليف نه ڏئي ها، بلڪه 80 رپين واري ليوي 160 رپين تائين وڌائي ڇڏي ها. هن چيو ته احتجاج کانپوءِ حڪومت پوئتي هٽي ۽ هاڻي به حڪومت تي دٻاءُ موجود آهي، جنهن کي وڌيڪ وڌايو ويندو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي جو مقصد عوام کي رليف ڏيارڻ سان گڏ ليوي ختم ڪرائڻ آهي. جيڪڏهن جماعت اسلامي احتجاج نه ڪري ها ته رليف پيڪيج به نه اچي ها. هن چيو ته حڪومت ڪير به هجي، ڳالهه ان سان ئي ڪرڻي پوندي آهي. فارم 47 هجي يا 48، ڳالهه حڪومت سان ئي ٿيندي آهي. هن مثال ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو جهاز اغوا ڪري وٺي ته پوءِ به ڳالهه ان ئي شخص سان ڪرڻي پوندي آهي، جنهن جهاز تي قبضو ڪيو هجي.










