شادمان ٽائون ۾ حادثو، نوجوان فوت، هڪ زخمي

شادمان ٽائون ۾ حادثو، نوجوان فوت، هڪ زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد جي شادمان نمبر 2 ۾ تيز رفتار ڪار گرين لائين بس اسٽاپ جي ڄارين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. پوليس موجب، حادثي ۾ ڪار سوار 24 ورهين جو اڪرم فوت ٿي ويو، جڏهن ته 17 ورهين جو عبدالله زخمي ٿي پيو. ريسڪيو اختيارين موجب، فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو