اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سياري ۾ گئس جي گهرج ۽ فراهميءَ ۾ فرق سبب گهريلو واهپيدارن کي گئس جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته تجويز ڪيل شيڊول تحت 24 ڪلاڪن دوران رڳو 8 ڪلاڪ گئس فراهم ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، پيٽروليم واري وزارت سياري ۾ گئس جي فراهميءَ بابت تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، جنهن کانپوءِ جلد وزيراعظم کي ان حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل شيڊول تحت گهريلو واهپيدارن کي ناشتي، منجهند ۽ رات جي مانيءَ جي وقت گئس فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته باقي وقتن ۾ گئس جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. گئس جي فراهميءَ لاءِ سوئي ناردرن گئس پائيپ لائينز لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) پنهنجي پنهنجي علائقن لاءِ الڳ الڳ شيڊول جاري ڪنديون.دستياب انگن اکرن موجب، ايس اين جي پي ايل هن وقت گهريلو واهپيدارن کي روزانو 487 ملين ڪيوبڪ فوٽ گئس فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته سوئي سدرن پاران روزانو 286 ملين ڪيوبڪ فوٽ گئس فراهم ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف سياري ۾ گئس جي فراهمي محدود ٿيڻ جي خدشن سان گڏ ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان پڻ واهپيدارن لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. تنهن هوندي به گئس جي فراهميءَ بابت تجويز ڪيل شيڊول جي حتمي منظوري ۽ ان تي عملدرآمد بابت اڃا تائين سرڪاري اعلان سامهون ناهي آيو.










