ٿرپارڪرحادثو، فوتين جي  وارثن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان

ٿرپارڪرحادثو، فوتين جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرپارڪر ۾ ايمبولينس حادثي ۾ فوت ٿي ويل 10 ماڻهن جي وارثن لاءِ في ماڻهو 20 لک روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن هدايت ڪئي آهي ته حادثي ۾ زخمي ٿيل سمورن ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي صحت کاتي کان واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرڻ ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير فوت ٿي ويل ماڻهن جي آخري رسمن جا انتظام يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي سنڌ اسيمبلي ميمبر قاسم سومرو کي ننگرپارڪر پهچي امدادي ۽ انتظامي قدمن جي نگراني ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سيد مراد علي شاهه افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي.ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٿرپارڪر ۾ پي پي ايڇ آئي جي انتظام هيٺ ايمبولينس ۾ آڪسيجن سلينڊر ڦاٽڻ جي واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٿرپارڪر جي علائقي ڊانو دهاندهل ۾ آسڪيجن سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين جو نقصان صدمي جوڳو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فوت ٿي ويل ماڻهن جي گهر ڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاگو آهيون. هن واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪرڻ ۽ حقيقتون سامهون آڻڻ جي هدايت به ڪئي.پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن اهو ڏکوئيندڙ واقعو انساني ڪوتاهي يا ڪنهن ڏوهاري فعال جو نتيجو آهي ته ذميوارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي هن ٿرپارڪر ۾ آئنده اهڙن واقعن جي روڪٿام جي لاءِ موجوده نظام جو جائزو وٺڻ ۽ موثر قدمن تي عملدرآمد يقيني بنائڻ جي به هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو