لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي ماسٽر پلانز جي تحت واڌ جي منظوري

لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي ماسٽر پلانز جي تحت واڌ جي منظوري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم ايئرپورٽس تي عالمي معيار کي آڏو رکندي سهولتون وڌيڪ بهتر بهائڻ جي هدايت ڪندي لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي ماسٽر پلانز جي تحت واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.وزيراعظم واڌ واري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جڏهن ته منصوبن ۾ معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪرڻ ۽ انهي کي عالمي گهرجن کان هم آهنگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن منصوبن ۽ مسافرن جي سفري سهولتن کي بهتريب بنائڻ جي لاءِ اصلاحات جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بنائڻ جي هدايت به ڪئي.وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايئرپورٽس تي سفري سهولتن کي بهتر بنائڻ جي لاءِ عالمي شهرت يافته ادارن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، هوائي اڏن تي مسافرن کي سهولت فراهم ڪندڙ آفيسرن ۽ عملي کي اعليٰ سروس ڊليوري جي باقاعده تربيت فراهم ڪئي وڃي.وزيراعظم چيو ته هوائي اڏن تي موجود مختلف ادارن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ بهتر بنايو وڃي ۽ مسافرن جي سهولت کي هر حال ۾ آڏو رکيو وڃي. هوائي اڏن تي مسافرن جي لاءِ بهترين ڪيٽرز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن جڏهن ته کائڻ پيئڻ جي معيار تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ جي وڏن شهرن ۾ هوائي اڏن جي واڌ ۽ هوائي اڏن تي مسافرن کي بهترين سفري سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس کي وڏي ايئرپورٽ تي سفري سهولتن جي معيار کي جانچڻ جي حوالي سان تازو ئي عالمي فرم جي ذريعي مڪمل ڪيو ويو. سروي جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي.اجلاس کي ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽس جي واڌ وارن منصوبن کان علاوه سموري ملڪ ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان مختلف هوائي اڏن جي اپ گريڊيشن، جاري ترقياتي ڪمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي جي رن وي جي واڌ مڪمل ٿي چڪي آهي. اجلاس کي لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي ماسٽر پلانز ۽ انهي جي تحت واڌ جي منصوبه بندي ۽ تعمير جي مقرر مدي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم تعمير کي عالمي معيار موجب مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو