ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي علائقي گلستان جوهر ۾ ڪامران چورنگي ڀرسان فرنيچر مارڪيٽ ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي. ريسڪيو اختيارين موجب باهه وسائڻ بعد متاثر مارڪيٽ ۾ ٿڌي ڪرڻ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته هڪ دڪاندار دعويٰ ڪئي آهي ته باهه سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي. فرنيچر مارڪيٽ ۾ لڳل باهه ڀرسان رهائشي عمارت تائين به پکڙجي وئي هئي، جنهن تي پڻ ضابطو آندو ويو آهي. ريسڪيو ترجمان موجب باهه وسائڻ واري عمل ۾ فائر برگيڊ جون 4 گاڏيون حصو ورتو.










