لاڙڪاڻي ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان پٽ هٿان ماءُ قتل

لاڙڪاڻي ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان پٽ هٿان ماءُ قتل

(لاڙڪاڻو(ن س )لاڙڪاڻي ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان پٽ مبينا طور فائرنگ ڪري پنهنجي ماءُ کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. پوليس موجب واقعو رسول آباد محلي ۾ پيش آيو، جتي پٽ پنهنجي ماءُ کان زرعي زمين پنهنجي نالي منتقل ڪرائڻ چاهي پيو. ماءُ جي انڪار ڪرڻ تي پٽ مبينا طور مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ عورت موقعي تي ئي فوت ٿي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پٽ خلاف ڪيس داخل ڪري سندس ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو