ٺٽو (ن س )ٺٽي-سجاول باءِ پاس تي رات دير سان تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ ڊيوٽيءَ تي مقرر پوليس ڪانسٽيبل رشيد خشڪ فوت ٿي ويو.رپورٽ موجب، پوليس اهلڪار رشيد خشڪ ڊيوٽيءَ دوران موٽرسائيڪل تي گشت ڪري رهيو هو ته تيز رفتار ٽرالر کيس ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. فوتي جو لاش سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.










