ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف ڪارو ڏينهن، ريليون

ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف ڪارو ڏينهن، ريليون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف 27 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته ڪشميري عوام سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۾ ريلي پڻ ڪڍي وئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت ڪشمير تي قبضي جو قدم کنيو هو. سندس چوڻ هو ته ”ڪشمير بڻجندو پاڪستان“ هر ڪشميري ۽ پاڪستانيءَ جي دل جو آواز آهي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان هر فورم تي ڪشمير جو مسئلو ڀرپور نموني اٿاريو آهي ۽ دنيا ڪشمير مسئلي کي وساريو ناهي. سندس چوڻ موجب، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي هڪ طرفو قدم کڻي ڪشمير مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻايو، جڏهن ته ڪشميري عوام کان حقِ خوداراديت ڪير به کسي نٿو سگهي. هوڏانهن وفاقي وزير امير مقام چيو ته بهادر ڪشميري عوام ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي ڪڏهن به قبول ناهي ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن والاريل ڪشمير ۾ آزاديءَ جو سج اڀرندو. امير مقام چيو ته ڀارت وٽ ڪشميرين کي آزادي ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. سندس چوڻ هو ته اڄوڪي ڏينهن تي ڀارت غيرقانوني طور ڪشمير جي خطي تي قبضو ڪيو هو.

ڪشميرين کي حقِ خوداراديت کان محروم رکڻ عالمي انصاف جي دعوائن تي سوال آهي: بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته لڳ ڀڳ اٺ ڏهاڪا گذرڻ باوجود ڪشميري عوام پنهنجي بنيادي حقِ خوداراديت کان محروم آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشميري عوام کي پنهنجي حقِ خوداراديت کان محروم رکڻ عالمي ضمير ۽ انصاف جي دعوائن تي سوال اٿاري ٿو. هن چيو ته والاريل ڪشمير رڳو هڪ خطو ناهي، پر لکين انسانن جي آزاديءَ ۽ سڃاڻپ جو مسئلو آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين مطالبو ڪيو ته ڪشميري عوام جي عزتِ نفس ۽ پنهنجي مستقبل بابت پاڻ فيصلو ڪرڻ واري بنيادي حق کي تسليم ڪيو وڃي.

27 آڪٽوبر ڪشمير ۽ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي: شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشمير ۽ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن ڀارت ناپاڪ ارادن سان ڪشمير ۾ داخل ٿي ڪشميري عوام جي حقن کي لتاڙيو. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ به ڪشميري عوام پنهنجن بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندن قربانيون عالمي ضمير کان انصاف جي گهر ڪن ٿيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو عوام ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ تقريبون ان عزم جو اظهار آهن ته پاڪستاني عوام ڪشميرين جي جدوجهد ۾ سندن ساٿاري آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جي حمايت جاري رکندو. هن گڏيل قومن ۽ عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته ڪشمير بابت پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ۽ مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو