سُهيل آفريدي جي آزاديءَ لاءِ آواز ڇو نٿو اٿاريو وڃي؟ ناصر عباس

سُهيل آفريدي جي آزاديءَ لاءِ آواز ڇو نٿو اٿاريو وڃي؟ ناصر عباس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا ناصر عباس چيو آهي ته ڪيترائي ماڻهو چاهيندا هئا ته عمران خان جون ڀينرون خاموش رهن ۽ ڪجهه به نه ڳالهائين، پر هاڻي جڏهن خيبر پختونخوا ۾ حڪومت ڪيرائي وئي آهي ته پارٽي جا ڳالهائڻ وارا ڪٿي آهن؟ اهي ڇو نٿا ڳالهائين، ڇو آواز نٿا اٿارين ۽ ڇو وڃي درخواست داخل نٿا ڪرائين؟راجا ناصر عباس چيو ته سهيل آفريدي گم آهي، ڪنهن کي به خبر ناهي ته هو ڪٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سهيل آفريدي جي آزادي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پنهنجي اسپيڪر لاءِ اهي ماڻهو ڇو نٿا ڳالهائين؟ وڃن ۽ درخواست داخل ڪرائين، پارٽي کي اڳتي اچڻ گهرجي، اهي سڀ ماڻهو ڇو نٿا وڃن؟ سڀ خاموش آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو