25 ورهين جي ناري  کي قتل ڪندڙ جوابدار بري

25 ورهين جي ناري کي قتل ڪندڙ جوابدار بري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 25 ورهين جي ناريءَ صائمه بي بي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار منور حسين کي شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪري ڇڏيو.عدالت ٽرائل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته جيڪڏهن جوابدار ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه هجي ته کيس آزاد ڪيو وڃي.صائمه بي بي کي 2016ع ۾ فيصل آباد جي هڪ ڳوٺ ۾ قتل ڪيو ويو هو، جنهن بعد ٽرائل ڪورٽ جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ به اها سزا برقرار رکي هئي.سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته ايف آءِ آر موجب ڪيس ۾ هڪ جوابدار هو ۽ واقعي جا ٽي اکين ڏٺا شاهد هئا. مقتولا کي کٽ سان ٻڌڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، پر ميڊيڪل رپورٽ ۾ جسم تي اهڙن نشانن جو ذڪر موجود نه هو.جسٽس ملڪ شهزاد احمد سوال ڪيو ته شاهدن مقتولا کي بچائڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي؟ جڏهن ته جسٽس شڪيل احمد پڇاڻو ڪيو ته مقتولا جو دوپٽو فرانزڪ جاچ لاءِ ڇو نه موڪليو ويو؟عدالت چيو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن ۾ به تضاد موجود هو، جڏهن ته فريادي پوسٽ مارٽم رپورٽ کي چئلينج به نه ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو