وومينز ايمرجنگ نيشنز ٽرافي لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان

وومينز ايمرجنگ نيشنز ٽرافي لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آءِ سي سي وومينز ايمرجنگ نيشنز ٽرافي لاءِ پاڪستان وومينز ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي قيادت منيبہ علي ڪندي، جڏهن ته بيٽسمين عائشه ظفر نائب ڪپتان هوندي. ايشين گيمز ۾ برونز ميڊل کٽيندڙ پاڪستاني ٽيم جون 12 رانديگرياڻيون اسڪواڊ ۾ پنهنجي جاءِ برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيون آهن. اعلانيل اسڪواڊ ۾ ايمان نصير، ايمان فاطمه، صدف شمس، سائره جبين ۽ شوال ذوالفقار شامل آهن. اسپنرن ۾ نشره سنڌو، مومنه رياست، طوبا حسن ۽ ام هاني، جڏهن ته فاسٽ بالر وحيده اختر ۽ تسميا رباب کي پڻ ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي. ڏهن ٽيمن تي ٻڌل آءِ سي سي وومينز ايمرجنگ نيشنز ٽرافي 12 کان 25 نومبر تائين گڏيل عرب امارتن جي امارت عجمان ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان کي گروپ بي ۾ بنگلاديش، ٿائلينڊ، نيدرلينڊز ۽ زمبابوي سان گڏ رکيو ويو آهي، جڏهن ته گروپ اي ۾ سريلنڪا، آئرلينڊ، اسڪاٽلينڊ، پاپوا نيو گني ۽ ميزبان گڏيل عرب امارتن جون ٽيمون شامل آهن. ٽورنامينٽ جي گروپ مرحلي ۾ هر ٽيم چار ميچون کيڏندي. هر گروپ جون ٽاپ ٽي ٽيمون سپر سڪس مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، جتي هر ٽيم وڌيڪ ٽي ميچون کيڏندي. سپر سڪس مرحلي جون ٽاپ ٻه ٽيمون 26 نومبر تي فائنل ۾ آمهون سامهون ٿينديون. پاڪستان وومينز ٽيم جو تربيتي ڪيمپ 7 کان 9 نومبر تائين لاهور ۾ لڳايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو