لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽي ملڪي سيريز جي چوٿين ون ڊي ميچ ۾ شاداب خان جي شاندار سينچريءَ جي بدولت پاڪستان سنسني خيز مقابلي بعد انگلينڊ جي ٻوٿ مان فتح کسي ورتي.
پاڪستاني ٽيم اڄ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهيءَ جي حوالي سان گلابي رنگ جي ڪٽ پائي ميدان تي لٿي.
پاڪستان انگلينڊ خلاف ٹاس کٽي پہلے فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. مھمان ٽيم پھريان کيڏندي 47ين اوور ۾ 241 رنسون ٻاري آئوٽ ٿي وئي، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان 48ين اوور ۾ 9 وکٽن جي نقصان تي 242 رنسن جو ھدف حاصل ڪري ورتو.
ان کان اڳ انگلينڊ پنهنجي اننگز جي شروعات ڪئي ته پهرين ئي اوور جي پنجين بال تي شاهين شاهه آفريڊيءَ انگليش رانديگر ٽام بينٽن کي 4 رنسن تي پئويلين موڪلي ڇڏيو. بعد ۾ شاهين شاهه آفريڊيءَ ئي ٽئين اوور ۾ جو روٽ کي به 5 رنسن تي ڪيچ آئوٽ ڪيو، جڏهن ته پنجين اوور دوران هيري بروڪ به رن آئوٽ ٿي ويو.
انگلينڊ ٽيم جي چوٿين وکٽ بالر حارث رؤف حاصل ڪئي ۽ 52 رنسن تي انگليش ٽيم جا 4 رانديگر پئويلين موٽي ويا. 52 رنسن تي چار وکٽون ڪرڻ باوجود انگليش اوپنر بين ڊڪٽ ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ 105 رنسن جي اننگز کيڏي. ان کان علاوه سيم ڪرن 42 ۽ گس ائٽڪنسن 36 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پاڪستان پاران ڪپتان شاهين آفريڊيءَ 4 وکٽون حاصل ڪيون ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 150 وکٽون به مڪمل ڪري ورتيون. ان کان علاوه رضا الله ۽ عرفات منهاس 2-2 جڏهن ته حارث رؤف هڪ وکٽ حاصل ڪئي.
هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان جون شروعاتي وکٽون به پتن وانگر ڪرنديون رهيون. فخر زمان 10، صائم ايوب 6 ۽ بابر اعظم 10 رنسون ٺاهي پئويلين موٽي ويا. سعد بيگ 32 ۽ سلمان آغا 26 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته حسن نواز 15 رنسون ٺاهي سگهيو.
ان موقعي تي اٺين نمبر تي بيٽنگ لاءِ ايندڙ شاداب خان ذميواريءَ سان کيڏندي پاسو ئي ٻلٽي ڇڏيو ۽ ون ڊي ڪريئر جي پهرين سينچري ٺاهي پاڪستان کي هڪ وکٽ تان فتح ڏياري ڇڏي. ان موقعي تي حارث رؤف به سندس ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ وکٽ کي سنڀالي رکيو. آخري وکٽ جي شراڪت ۾ شاداب ۽ حارث 89 رنسون جوڙيون.
97 رنسن جي انفرادي اسڪور تي شاداب خان کي امپائر ايل بي ڊبليو آئوٽ ڏئي ڇڏيو هو، تنهن هوندي به ريويو ۾ کيس ناٽ آئوٽ قرار ڏنو ويو.
48ين اوور ۾ پاڪستان هدف حاصل ڪري ورتو. شاداب خان 96 بالين تي 113 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي، جنهن ۾ 5 ڇڪا ۽ 13 چوڪا شامل هئا. حارث رؤف 7 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.










