سليڪٽرن جي اعتماد تي پورو لهڻ جي خوشي آهي: شاداب خان

سليڪٽرن جي اعتماد تي پورو لهڻ جي خوشي آهي: شاداب خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميچ ونر شاداب خان چيو آهي ته سليڪٽرن ۽ ٽيم مئنيجمينٽ پاران مٿس جيڪو اعتماد ظاهر ڪيو ويو، ان تي پورو لهڻ جي خوشي آهي.ميچ کانپوءِ پي سي بي ڊجيٽل سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي شاداب خان چيو ته کيس اندازو ئي نه ٿيو ته بال بيٽ جو ڪنارو وٺي وئي آهي، پر حارث رئوف اصرار ڪيو ته ريويو وٺڻ گهرجي.هن چيو ته حارث جي اصرار تي ريويو ورتو، ان وقت هو ڪافي مايوس هو. ٻئي پاسي حارث رئوف چيو ته کيس شروع کان ئي يقين هو ته پاڪستان هي ميچ کٽي سگهي ٿو. آخري لمحن ۾ شاداب سان به اها ئي ڳالهه ٿي هئي ته ميچ پاڻ ختم ڪندس. حارث رئوف چيو ته شاداب خان جنهن انداز ۾ بيٽنگ ڪئي، اها عالمي معيار جي هئي. هي ڪاميابي پاڪستاني عوام لاءِ به وڏي خوشيءَ جو موقعو آهي. ياد رهي ته ٽه ملڪي سيريز جي چوٿين ون ڊي ميچ ۾ شاداب خان جي شاندار سينچريءَ جي مدد سان پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ انگلينڊ جي هٿن مان فتح کسي ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو