ٽه ملڪي سيريز: سفيان مقيم ٽيم مان رليز، معاذ شامل

ٽه ملڪي سيريز: سفيان مقيم ٽيم مان رليز، معاذ شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ جاري ٽه ملڪي ون ڊي سيريز مان اسپنر سفیان مقيم کي ٽيم مان رليز ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب سفیان مقيم جي جاءِ تي معاذ صداقت کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پي سي بي جو چوڻ آهي ته ٽيم ۾ وڌيڪ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ اها تبديلي ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته ٽه ملڪي ون ڊي سيريز ۾ اڄ پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. پاڪستاني ٽيم اها ميچ کٽي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وٺندي. ميچ کي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهيءَ جي مهم جي سلسلي ۾ ’پنڪ ڊي‘ سان منسوب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو