ايل سي ڊبليو يو جي شاگردياڻي ٻه گولڊ ميڊل کٽي ورتا

ايل سي ڊبليو يو جي شاگردياڻي ٻه گولڊ ميڊل کٽي ورتا

لاهور )ويب ڊيسڪ)لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي (ايل سي ڊبليو يو) جي شاگردياڻي سبل سهيل اسلام آباد ۾ ٿيل 2026ع جي انٽرنيشنل ماسٽرز ويٽ لفٽنگ مقابلن ۾ ٻه سونا تمغا کٽي وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي.هيلٿ اينڊ فزيڪل ايجوڪيشن شعبي سان تعلق رکندڙ سبل سهيل عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي ٻه گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيا ۽ يونيورسٽي توڙي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو سبل سهيل جي شاندار ڪاميابيءَ تي لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽيءَ ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي. يونيورسٽيءَ جي هيلٿ اينڊ فزيڪل ايجوڪيشن شعبي پڻ سندس ڪارڪردگيءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي کيس مبارڪون ڏنيون سبل سهيل جي ڪاميابيءَ کي نه رڳو ايل سي ڊبليو يو، پر پاڪستان لاءِ پڻ اعزاز قرار ڏنو پيو وڃي. سندس ڪاميابي نوجوان شاگردياڻين لاءِ راندين جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ ۽ عالمي سطح تي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اتساهيندڙ مثال آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو