ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ڄام صادق پل تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار مرد فوت ٿي ويو، جڏهن ته عورت سخت زخمي ٿي پئي. حادثي کانپوءِ مڇريل ماڻهن ٽرالر کي باهه ڏئي ڇڏي.رپورٽ موجب، فوتي جي سڃاڻپ وقار ولد مسڪين طور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمي عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. ٽرالر کي باهه لڳڻ کانپوءِ فائر برگيڊ جي هڪ گاڏي جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. فوتي جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي عورت جي حالت به ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس اختيارين موجب، حادثو تيز رفتاريءَ سبب پيش آيو، جنهن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ذميوار ڊرائيور خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.










